اسلام آباد: (م ڊ) ڪورونا وائرس وگهي ملڪ ۾ وڌيڪ 41 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 27 هزار 638 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 41 هزار 825 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 400 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 4 لک 29 هزار 655، سنڌ ۾ 4 لک 56 هزار 343، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 73 هزار 353، بلوچستان ۾ 32 هزار 875، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 308، اسلام آباد ۾ هڪ لک 5 هزار 217 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 74 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 92 لک 84 هزار 635 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 هزار 116 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 64 هزار 219 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 4 هزار 15 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ ڪورنا وگهي هڪ ڏينهن دوران 41 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 27 هزار 638 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 575، سنڌ ۾ 7 هزار 361، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 514، اسلام آباد ۾ 919، بلوچستان ۾ 348، گلگت بلتستان ۾ 184 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 737 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
پاڪستان
ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو پاڻي جي ڍُڪ تي به وڙهن ٿا: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021ملڪ ۾ ڪورونا جا وار گهٽ ٿيڻ لڳا، هڪ ڏينهن دوران چوڏنهن سئو مريض متاثر
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021سڄي ملڪ ۾ ترقياتي فنڊز جو مسئلو آهي، بلدياتي حڪومتون به فنڊز لاءِ دانهون ڪنديون رهيون آهن: سپريم ڪورٽ
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021فضل الرحمان اهو چقمق آهي، جيڪو طاقت واري هنڌ چنبڙي ويندو آهي: عمران خان
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018عمران خان کي لاهور ۾ خراب طريقي سان شڪست ڏيندس: سعد رفيق
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018