اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ ڀُونگ ۾ پاڻي جي نلڪي تي جهيڙي جا اطلاع مليا آهن، ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو ته پاڻي جي ڍُڪ تي به وڙهن ٿا، معاشري ۾ اخلاقي سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. سپريم ڪورٽ ۾ رحيم يار خان مندر ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس طرفان ريمارڪس ڏنا ويا، عدالت چيف سيڪريٽري ڪي پي کي مندر جي اڏاوت بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. ٻڌڻي دوران عدالت اين ايڇ اي جي چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ته موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي حالت ڏٺي اٿئو، سنڌ ۾ موٽر وي رڳو نالي ماتر آهن، ملتان- سکر موٽروي تي ڪوبه ريسٽ روم ٺهيل ناهي. اين ايڇ اي چيئرمين چيو ته اُن حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون، چيف جسٽس چيو ته ڪهڙا قدم کڻي رهيا آهيو، توهان جي ڊيوٽي لڳايون ته روز ملتان – سکر موٽروي تي سفر ڪريو، سفر ڪندئو ته توهان کي ماڻهن جي تڪليفن جو اندازو ٿي ويندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
پاڪستان
ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو پاڻي جي ڍُڪ تي به وڙهن ٿا: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021ملڪ ۾ ڪورونا جا وار گهٽ ٿيڻ لڳا، هڪ ڏينهن دوران چوڏنهن سئو مريض متاثر
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021سڄي ملڪ ۾ ترقياتي فنڊز جو مسئلو آهي، بلدياتي حڪومتون به فنڊز لاءِ دانهون ڪنديون رهيون آهن: سپريم ڪورٽ
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021فضل الرحمان اهو چقمق آهي، جيڪو طاقت واري هنڌ چنبڙي ويندو آهي: عمران خان
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018عمران خان کي لاهور ۾ خراب طريقي سان شڪست ڏيندس: سعد رفيق
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018