ڪراچي: (رپورٽر) مشهور پاڪستاني مزاحيه اداڪاره عمر شريف کي علاج جي لاءِ ايئرايمبولينس جي ذريعي آمريڪا روانو ڪيو ويو آهي. سندس گهر واري زرين غزل به ايئرايمبولينس ۾ ان سان گڏ آهي. جڏهن ته ٻيا 3 گهر ڀاتي نجي اڏام ذريعي آمريڪا روانا ٿيندا. اداڪار عمر شريف دل ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهي هو گذريل ڪيترن هفتن کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. سندس علاج جي لاءِ سنڌ حڪومت طرفان 4 ڪروڙ روپين جي رقم جاري ڪئي وئي هئي. کيس اڄ صبح جو ايمبولينس ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال کان ڪراچي ايئرپورٽ جي جناح ٽرمينل پهچايو ويو. عمر شريف کي علاج جي لاءِ آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن پهچايو پيو وڃي. جتي مشهور پاڪستاني اداڪاره ريما خان جو مڙس ۽ مشهور دل جو ماهر ڊاڪٽر طارق شهاب ان جي علاج لاءِ جارج واشنگٽن يونيورسٽي اسپتال ۾ سمورا انتظام ڪري رکيا آهن.عمر شريف جي آمريڪا منتقلي ۽ سندس گهر ڀاتين جي ويزا جي لاءِ به ڊاڪٽر طارق شهاب ڀڄ ڊڪ ڪئي آهي. عمر شريف کي وٺڻ جي لاءِ ايئر ايمبولينس سومر تي پاڪستان پهتي هئي. ايئرايمبولينس جي اڏام آءِ ايف اي 1264 اڄ ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان ٻنپهرن جو ٽيڪ آف ڪيو هو. ايئرايمبولينس ٽن مختلف ملڪن ۾ اسٽاپ ڪندي آمريڪا پهچندي
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
پاڪستان
ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو پاڻي جي ڍُڪ تي به وڙهن ٿا: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021ملڪ ۾ ڪورونا جا وار گهٽ ٿيڻ لڳا، هڪ ڏينهن دوران چوڏنهن سئو مريض متاثر
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021سڄي ملڪ ۾ ترقياتي فنڊز جو مسئلو آهي، بلدياتي حڪومتون به فنڊز لاءِ دانهون ڪنديون رهيون آهن: سپريم ڪورٽ
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021فضل الرحمان اهو چقمق آهي، جيڪو طاقت واري هنڌ چنبڙي ويندو آهي: عمران خان
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018عمران خان کي لاهور ۾ خراب طريقي سان شڪست ڏيندس: سعد رفيق
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018