ڪابل: (م ڊ) طالبان افغانستان ۾ ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ عورتن جي اسمارٽ فون استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ وارين سمورين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. افغان ميڊيا جي رپورٽ موجب افغان ثقافت واري وزارت ۽ اطلاعات جي عهديدارن تازين خبرن جي خلاف سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ مختلف صوبن ۾ عورتن جي اسمارٽ فون جي استعمال تي پابندي طالبان جي سرڪاري پاليسي ۾ شامل نه آهي. طالبان عهديدارن طرفان اهو رد عمل ان وقت سامهون آيو جڏهن مبينه طور تي افغانستان جي صوبن جا پئسا هلمند ۽ تخار ۾ هڪ خط حجمن کي ڏنو ويو جنهن ۾ ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ عورتن جي اسمارٽ فونز تي پابندي بابت هدايتون لکيل هيون. اطلاعات ۽ ثقافت واري وزارت جي ميمبر انعام الله سمنگاني بيان کي غلط قرار ڏيندي چيو ته مذڪوره بيان سرڪاري طور تي جاري ناهي ڪيو ويو. جيڪو ڪجهه سوشل ميڊيا تي آهي اهو وزارت جي طرفان نه آهي. افغانستان جي قومي يڪجهتي پارٽي جي سربراهه سيد اسحاق گيلاني به ان سمورين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته پابنديون لڳائڻ سان طالبان کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو اهڙي طرح جون حرڪتون امارت اسلامي افغانستان کي نقصان پهچائين ٿيون. ان سان دنيا ڊڄي ٿي ۽ ان سان اسان جي عالمي سڃاڻپ ڪڏهن به نه ٿي سگهندي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
پاڪستان
ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو پاڻي جي ڍُڪ تي به وڙهن ٿا: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021ملڪ ۾ ڪورونا جا وار گهٽ ٿيڻ لڳا، هڪ ڏينهن دوران چوڏنهن سئو مريض متاثر
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021سڄي ملڪ ۾ ترقياتي فنڊز جو مسئلو آهي، بلدياتي حڪومتون به فنڊز لاءِ دانهون ڪنديون رهيون آهن: سپريم ڪورٽ
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021فضل الرحمان اهو چقمق آهي، جيڪو طاقت واري هنڌ چنبڙي ويندو آهي: عمران خان
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018عمران خان کي لاهور ۾ خراب طريقي سان شڪست ڏيندس: سعد رفيق
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018