لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته چوڌري نثار جون ڳالهيون تڪليف ڏينديون آهن، جڏهن چوڌري نثار مون بابت ڳالهه ڪندو آهي ته ڏُک ٿيندو آ. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته مان اڄ ڏينهن تائين چوڌري نثار جي ڳالهين جو جواب ناهي ڏنو، سندس ڳالهيون مون کي ڏکارو ڪنديون آهن، نٿو چاهيان ته انهن ڳالهين جو جواب ڏيان. هن چيو ته ڊالر 125 رپين تائين پهچي ويو، ان جي ذميواري ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿي، اسان جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ ڊالر 104 رپين کان 125 رپين تائين ڪيئن پهتو. سندس چوڻ هو ته مان گهرواريءَ جي بيماري سبب لنڊن ۾ موجود آهيان، جيڪڏهن گهرواري جي بيماري عام نوعيت جي هجي ها ته ايترا ڏينهن لنڊن ۾ نه رهان ها. هن چيو ته منهنجي گهرواري زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، سندس صحت ۾ بهتري کانپوءِ ئي ڏيهه ورندس.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
پاڪستان
فضل الرحمان اهو چقمق آهي، جيڪو طاقت واري هنڌ چنبڙي ويندو آهي: عمران خان
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018عمران خان کي لاهور ۾ خراب طريقي سان شڪست ڏيندس: سعد رفيق
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018پاڪستان ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارت حوالي ڪري ڇڏيا
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018مان نه پر نواز شريف مون سان دشمني ڪئي: چوڌري نثار
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018چونڊن جي بائيڪاٽ واريون خبرون ڪوڙيون آهن: مريم اورنگزيب
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018