ڀارتي رياست اتر کنڊ ۾ بس کاهي اندر ڪري پئي، چاليهه ڄڻا فوت

نئين دهلي: پهرين جولاءِ 2018ع: ڀارتي رياست اتر کنڊ ۾ مسافر بس کاهي اندر ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 40 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.ڀارتي ميڊيا مطابق اتر کنڊ جي ضلعي پوري گهروال جي علائقي ڌوماڪوٽ ۾ مسافرن سان ڀريل بس اونهي کاهي اندر ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ مسافر فوت ٿي ويا آهن. اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمن موقعي تي پهچي آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران 20 مسافرن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں