پاڪستاني ڪمپني جليبيون ٺاهيندڙ روبوٽ تيار ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوري دنيا ۾ روبوٽڪس ۽ آٽوميشن کان حيرت ڏياريندڙ ڪم ورتا پيا وڃن ۽ هاڻي پاڪستان جي هڪ ڪمپني جل بوٽ روبوٽ تيار ڪيوآهي جيڪو پاڪ ۽ هن جي مشهور سوغات جليبي ٺاهي سگهي ٿو. پاڪستاني اداري روبوٽڪس اينڊ آٽوميشن ڊولپمينٽ ايسوسئيشن آر اي ڊي اي جي شريڪ باني عبدالله افضل کي 2017ع ۾ ان روبوٽ کي ٺاهڻ جو خيال ان وقت آيو جڏهن هو ناروي ۾ پنهنجي هڪ دوست سان ملڻ ويو جيڪو پاڪستاني مٺائين ۽ شين جو وڪرو ڪندو هو. ناروي ۾ افرادي طاقت مهانگي هجڻ سبب هن جليبي ٺاهيندڙ روبوٽ تي ڪم ڪيو. عبدالله افضل ميڪاٽرونڪس جو ماهر اهي ۽ هن پهنجي پاڪستاني ساٿي محمد زبير سان گڏجي جليبي روبوٽ تي ڪم ڪيو ۽ ايئن هڪ سال ۾ روبوٽ جليبي ٺاهڻ جي قابل ٿي ويو.عبدالله افضل ٻڌايو ته روبوٽ ٺاهڻ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش آيون ڪنهن به ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپ ڪمپني جا چار اهم جز هوندا آهن يعني وقت، مستقل مزاجي، ناڪامي ۽ رقم انهن مان گذرندي اسان چوٿون روبوٽ پروٽوٽائپ تيار ڪري رهيا آهيون اهو روبوٽ واهپيدار جون سموريون ضرورتون پوريون ڪندو جڏهن ته ان ۾ غذائي معيار جا عالمي اصول نظرانداز نه ڪيا ويندا. جل بوٽ جو پورو فريم بي زنگ فولاد تي ٻڌل آهي ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ 40 ڪلوگرام جليبيون ٺاهي سگهي ٿو. ان ۾ تبديلي ڪري واهپيدار جي ضرورت جي تحت تبديل ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ جليبي جي ننڍي يا وڏي جسامت شامل آهي.ٻئي طرف چاڪليٽ وغيرا کي من پسند شڪلين ۽ سائز ۾ به تيار ڪري سگهجي ٿو، ان کان علاوه ڪيڪ ٺاهڻ ۾ به استعمال ٿي سگهي ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ناروي جون ڪيترين ئي بيڪرين کي جل بوٽ وڪرو ڪيو ويو آهي ۽ ٻئين مرحلي ۾ ان کي برطانيه جي بيڪرين ۾ وڪرو ڪرن جي ڳالهه ٻولهه به جاري آهي. ايندڙ مرحلي ۾ ڊبل جليبي ٺاهيندڙ مشين تيار ڪئي ويندي، ان کان علاوه آر اي ڊي اي ٿري ڊي پرنٽر سان کائڻ جون شيون ٺاهڻ تي به ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ايندڙ مرحلي ۾ چاڪليٽ سان گهوٽ، ڪنوار، ڪار يا سالگرهه جون تصويرون ٺاهڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں