ٽي ملڪي سيريز: گرين شرٽس زمبابوي کي گهمائي لاٿو

هراري (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ زمبابوي کي 74 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. هراري ۾ ٽي ملڪي ٽوئنٽي 20 سيريز جي افتتاحي ميچ زمبابوي ۽ پاڪستان وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ زمبابوي ٽاس کٽي پاڪستان کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات محمد حفيظ ۽ فخرالزمان ڪئي، حفيظ 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ان کانپوءِ ايندڙ رانديگرن ۾ حسين طلعت ۽ ڪپتان سرفراز احمد به سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ ترتيب وار 10 ۽ 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. اوپنر فخرالزمان جارحاڻي اننگز کيڏندي هاف سينچري اسڪور ڪئي ۽ 61 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. ڪپتان سرفراز جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ شعيب ملڪ ۽ آصف علي ٽيم کي سنڀايليو، ٻنهي رانديگرن جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪيو ۽ 62 رنسن جي حصيداري قائم ڪئي. شعيب ملڪ جي 37 ۽ آصف علي جي 41 رنسن جي مدد سان قومي ٽيم مقرر اوورن ۾ 182 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم 17.5 اوورن ۾ 108 رنسن تي ڍير ٿي وئي. تريسائي موساڪانڊا 43 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، جڏهن ته ٻيو ڪو به ميزبان بيٽسمين پاڪستاني بالنگ اٽيڪ اڳيان نه بيهي سگهيو. پاڪستان طرفان محمد نواز، عثمان خان شنواري، حسن علي ۽ محمد حفيظ 2- 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. واضح رهي ته ٽي ملڪي سيريز ۾ سڀاڻي پاڪستان جو مقابلو آسٽريليا سان ٿيندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں