ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن سان چونڊن جو ماحول خراب ٿيندو آهي: گورنر زبير

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته ڪراچيءَ جي امن سان سموري ملڪ جو ماحول بهتر ٿيو آهي. ڪراچيءَ جي علائقي بلديه ٽائون ۾ مسلم ليگ ن جي مقتول ڪارڪن عابد تنولي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير، مقتول جي گهر وارن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو ته ڪراچي جي امن سان سموري ملڪ جو ماحول بهتر ٿيو آهي. هن چيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن سان چونڊن جو ماحول به خراب ٿيندو آهي. سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو ته سياسي طور ڪنهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ تمام گهڻو افسوس جوڳو عمل آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں