نئين دهلي جي هڪ گهر مان يارنهن ڀاتين جا ڇت ۾ ٽنگيل لاش هٿ

نئين دهلي: آچر پهرين جولاءِ 2018ع: ڀارت ۾ هڪ گهر مان هڪ ئي ڪٽنب جا 11 ڀاتين جا لاش هٿ آيا آهن.رپورٽن مطابق نئين دهلي جي علائقي برارئي جي ٻه ماڙ گهر مان 7 عورتن ۽ 4 مردن جا لاش هٿ آيا آهن، جن مان 10 لاش ڇت ۾ ٽنگيل هئا ۽ انهن جا منهن لڪيل هئا. جڏهن ته هڪ 75 ورهين جي عورت جو لاش پٽ تي پيل هو.11 گهرڀاتين جي پراسرار موت جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي. پوليس مطابق شروعاتي طور تي واقعو آپگهاتي لڳي ٿو، پر اڃا به هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون.

اپنا تبصرہ بھیجیں