مان نه پر نواز شريف مون سان دشمني ڪئي: چوڌري نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار هڪ ڀيرو ٻيهر ن ليگ قائد کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته دشمني مان نه پر نواز شريف مون سان ڪئي. اسلام آباد ۾ مجلس العلماءِ اسلام پاڪستان جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته ن ليگ ۾ انهن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون، جن مون کي گاريون ڏنيون. سندس چوڻ هو ته هاڻ مان پنهنجو رستو چونڊي چڪو آهيان، واپسي جي ڪا گنجائش رهيل ناهي. چوڌري نثار چيو ته مان سياست ۾ اهڙو ڪو به ڪم نه ڪيو، جنهن تي لڄي ٿيان، مان گڏيل قومن جي جيڪا تقرير ڪئي اها به رڪارڊ تي آهي، مان چيو ته مسلمان دهشتگرد نه پر سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو شڪار آهن. هن چيو ان ڳالهه تي مطمئن آهيان ته مان ڪڏهن ايمان تي سودو بازي نه ڪئي، اڳتي به اقتدار مليو ته اسلام پسند قوتن سان گڏ بيٺل هوندس.

اپنا تبصرہ بھیجیں