ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لياري ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي تي علائقي واسين طرفان پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن سبب هڪ جيالو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته قافلي ۾ موجود گاڏين جا شيشا پڻ ٽٽي پيا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي چونڊ تڪ اين اي 246 لياري پهتو ۽ ريلي جي صورت ۾ چونڊ مهم جي شروعات ڪئي پر جيئن ئي بلاول جي ريلي لياري جي علائقي بهار ڪالوني ۾ پهتي ته علائقي واسين جي وڏي انگ روڊن تي نڪري پ پ چيئرمين جي قافلي کي روڪي ڇڏيو. انهن پ پ خلاف نعري بازي ڪئي ۽ بلاول جي قافلي ۾ موجود گاڏين تي پٿراءُ ڪرڻ سميت ڏنڊن جو پڻ استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پ پ جو هڪ ڪارڪن زخمي ٿي پيو. ان حوالي سان پ پ اڳواڻ يوسف بلوچ جو چوڻ هو ته اها پ پ جا ماڻهو نه پر ڪجهه شرپسند آهن، انهن سدائين پ پ جي مخالفن جو ساٿ ڏنو آهي، لياري ۾ پ پ جا جان نثار به وڏي انگ ۾ موجود آهن پر پارٽي چيئرمين نٿو چاهي ته جيالا صبر جو دامن ڇڏين، ڇو ته لياري اسان جو ئي علائقو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
پاڪستان
ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو پاڻي جي ڍُڪ تي به وڙهن ٿا: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021ملڪ ۾ ڪورونا جا وار گهٽ ٿيڻ لڳا، هڪ ڏينهن دوران چوڏنهن سئو مريض متاثر
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021سڄي ملڪ ۾ ترقياتي فنڊز جو مسئلو آهي، بلدياتي حڪومتون به فنڊز لاءِ دانهون ڪنديون رهيون آهن: سپريم ڪورٽ
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021فضل الرحمان اهو چقمق آهي، جيڪو طاقت واري هنڌ چنبڙي ويندو آهي: عمران خان
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018عمران خان کي لاهور ۾ خراب طريقي سان شڪست ڏيندس: سعد رفيق
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018