بنون (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته بنون جي فرعون سان مقابلو ڪرڻ لاءِ هتان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو، اڪرم خان دراني بابت سڀ ڄاڻن ٿا ته 2013ع کان اڳ سندس ڪهڙي حيثيت هئي ۽ اڄ ڪروڙ پتي بڻجي ويو آهي. بنون ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته فضل الرحمان کي مولانا چوڻ مولانا جي توهين سمجهان ٿو، ڇو ته ڊيزل جي پرمٽ تي وڪامجندڙ مولانا نٿو ٿي سگهي، فضل الرحمان هڪ چقمق آهي، جيڪو طاقت واري هنڌ چنبڙي ويندو آهي ۽ ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين ضرور بڻجندو آهي. سندس چوڻ هو ته فضل الرحمان ۽ دراني جون حالتون بهتر ٿينديون ويون پر بنون جي عوام جي حالت بهتر نه ٿي، منهنجو خواب آهي ته سڀ کان پهريان سرڪاري اسڪولن جو نظام درست ٿئي ته جيئن ڪنهن غريب جو ٻار به پڙهي اڳتي وڌي سگهي. عمران خان چيو اسان جو نظام اهڙو هجي جو جيڪو محنت ڪري اهو اڳتي اچي پر هن ملڪ ۾ اڪرم دراني جهڙو قبضا گروپ ماڻهن جي اڳتي نٿو اچڻ ڏئي. هن چيو ته ڪي پي حڪومت 5 سالن ۾ 60 هزار استاد ڀرتي ڪيا، 1000 اسڪول قائم ڪيا ۽ هڪ لک ٻار نجي اسڪولن مان سرڪاري اسڪولن ۾ ويا، ڪي پي حڪومت پاڻي مان بجلي جا 4 پراجيڪٽ ٺاهيا ۽ 74 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي. تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته اسان 7 سئو ميگا واٽ بجلي جي منصوبن جي ايم او يو تي صحيحون ڪيون پر مجهي ڪيون نڪالا حڪومت اسان جا منصوبا ٺهڻ نه ڏنا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
پاڪستان
ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو پاڻي جي ڍُڪ تي به وڙهن ٿا: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021ملڪ ۾ ڪورونا جا وار گهٽ ٿيڻ لڳا، هڪ ڏينهن دوران چوڏنهن سئو مريض متاثر
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021سڄي ملڪ ۾ ترقياتي فنڊز جو مسئلو آهي، بلدياتي حڪومتون به فنڊز لاءِ دانهون ڪنديون رهيون آهن: سپريم ڪورٽ
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021فضل الرحمان اهو چقمق آهي، جيڪو طاقت واري هنڌ چنبڙي ويندو آهي: عمران خان
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018عمران خان کي لاهور ۾ خراب طريقي سان شڪست ڏيندس: سعد رفيق
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018