فرانس ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو، ارجنٽينا جو کيل ختم

ڪازان (اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ فرانس جي ٽيم ارجنٽينا کي شڪست ڏئي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو. روس ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي جي پهرين ميچ ۾ فرانس ۽ ارجنٽينا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. فرانس راند جي 12هين منٽ ۾ گول ڪري سرسي حاصل ڪئي، جنهن جي ڪجهه دير کانپوءِ ارجنٽينا گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. ارجنٽينا ٻيو گول فرانس کي خساري ۾ وجهي ڇڏيو پر فرانس جي رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 3 گول ڪري ارجنٽينا جي ميچ ۾ واپسي ڏکي بڻائي ڇڏي. اسٽاپيچ ٽائيم ۾ ارجنٽينا ٽيون گول ڪري راند کي ڪجهه دلچسپ بڻايو پر راند پوري ٿيڻ تي ميسيءَ جي ٽيم هڪ گول جي خساري سان ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں