ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير جا عوام سان ڪيل واعدا مان پورا ڪندس: بلاول

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪا واعدا ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو ڪيا اهي مان پورو ڪندس. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچيءَ جي علائقي لياري مان باضابطا طور چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. لياري ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي منهنجي پهرين چونڊ آهي ۽ مان لياري مان حصو وٺي رهيو آهيان، لياري واسين طرفان منهنجو رشتو نئون نه پراڻو آهي. هن چيو ته اسان جو رشتو سياسي نه پر دلين جو رشتو آهي، مان لياري مان تنهن ڪري چونڊ وڙهان پيو جيئن هتان جا مسئلا حل ڪري سگهان. پ پ چيئرمين چيو ته پ پ جو منشور عوام دوست منشور آهي ۽ هي غريب عوام جي پارٽي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي منشور ۾ هڪ پروگرام بک ختم ڪيو پروگرام آهي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي بي جو پٽ توهان جي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪي واعدا ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو ڪيا اهي واعدا مان پورا ڪندس.

اپنا تبصرہ بھیجیں