ڪابل: آچر 01 جولاءِ 2018ع: افغان شهر جلال آباد ۾ سکن جي آبادي تي خودڪش حملي ۾ 10 سک رهواسين سميت گهٽ ۾ گهٽ 19 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. افغان ميڊيا موجب جلال آباد ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي ۾ سکن کي نشانو بڻايو ويو، حملو ٿيندي ئي سيڪيورٽي ادارن واقعي واري جاءِ کي گهيري آ۾ آڻي ورتو جڏهن ته ريسڪيو ادارن زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو، غير تصديق ٿيل اطلاعن موجب حملو گورنر هائوس ويجهو ٿيو.صوبائي گورنر عطاءُ الله خوگياني واقعي ۽ فوتگين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حملو خودڪش هو، جڏهن ته هن حملي بابت وڌيڪ تفصيلن کان آگاهه نه ڪيو.اطلاع آهن ته سکن جو هڪ گروپ افغان صدر اشرف غني سان ملاقات لاءِ وڃي رهيو هو، اشرف غني ان وقت صوبي جي دوري تي هو ته اهو واقعو پيش آيو.ياد رهي ته افغانستان ۾ رهندڙ سکن تي ٿيندڙ اهو حملو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جو سڀ کان وڏو حملو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
پاڪستان
ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو پاڻي جي ڍُڪ تي به وڙهن ٿا: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021ملڪ ۾ ڪورونا جا وار گهٽ ٿيڻ لڳا، هڪ ڏينهن دوران چوڏنهن سئو مريض متاثر
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021سڄي ملڪ ۾ ترقياتي فنڊز جو مسئلو آهي، بلدياتي حڪومتون به فنڊز لاءِ دانهون ڪنديون رهيون آهن: سپريم ڪورٽ
In پاڪستان, تازا ترينستمبر 29, 2021فضل الرحمان اهو چقمق آهي، جيڪو طاقت واري هنڌ چنبڙي ويندو آهي: عمران خان
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018عمران خان کي لاهور ۾ خراب طريقي سان شڪست ڏيندس: سعد رفيق
In پاڪستان, تازا ترينجولائ 1, 2018