مني لانڊرنگ ڪيس: ايف آءِ اي ۽ رينجرز جو کوسڪي شگرمل تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط، 4 ڄڻا گرفتار

بدين(ڊ ر) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل جوابدار اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد جي کوسڪي شگرمل تي ايف آءِ اي ۽ رينجرز جي وڏي نفري ڇاپو هڻندي 4 عملدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي ۽ اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد جي شگرمل مزید پڑھیں

مخالف ڌر صدارتي اميدوار جي نالي تي اختلافن جو شڪار، پ پ ن ليگ جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، اعتزاز جي نامزدگي تي قائم

اسلام آباد (بيورو) صدارتي چونڊن لاءِ مخالف ڌر جي گڏيل اميدوار جي نالي تي مخالف ڌر ورهائجي وئي آهي، پ پ چوڌري اعتزاز احسن جو نالو واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.  گڏيل صدارتي اميدوار لاءِ مخالف ڌر ورهايل نظر اچي رهي آهي جڏهن ته پ پ اعتزاز احسن جي نالي تي مسلم ليگ ن مزید پڑھیں

تحريڪ انصاف 23 رڪني پنجاب ڪابينا جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد  (بيورو)  وزيراعظم عمران خان پنجاب جي 23 رڪنسي ڪابينا جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت  هيٺ تحريڪ انصاف جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب ڪابينا لاءِ ميمبرن کان انٽرويو وٺڻ بعد 23 رڪني ڪابينا جو اعلان ڪيو ويو.  عليم خان  کي لوڪل گورنمينٽ  ۽ ڪميونٽي  ڊولپمينٽ  جو کاتو ڏنو ويو. مزید پڑھیں

شبلي فراز سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ راجا ظفر الحق مخالف ڌر اڳواڻ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جو سينيٽر شبلي فراز سينيٽ ۾ قائد ايوان، جڏهن ته ن ليگي اڳواڻ راجا ظفر الحق کي مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڪو سينيٽر پهريون مزید پڑھیں

پ پ کي ڌچڪو، اڳوڻو صوبائي وزير حاجي مظفر شجراع ۽ قادر بخش بلوچ پي ٽي آءِ ۾شامل

ملير/گلشن اقبال (ڊ ر+ ن هه) پيپلز پارٽي جو اڳوڻو صوبائي وزير مظفر شجراع ۽ ملير جي پي ايس 87 جي جنرل سيڪريٽري قادر بخش بلوچ ساٿين سميت تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. مظفر شجراع ۽ قادر بخش بلوچ جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت کانپوءِ ملير ۾ ٿيندڙ پي ايس 87 مزید پڑھیں

وزيراعظم عمران خان کي خطرو، نيڪٽا ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) نيڪٽا طرفان وزيراعظم عمران خان کي هڪ وڌيڪ الرٽ جاري ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان طرفان سڪيورٽي وٺڻ کان انڪار پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نئين آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي. وزيراعظم کي بار بار سڪيورٽي ٿريٽ سلامتي جي ادارن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن پر عمران خان تنهن باوجود مزید پڑھیں

ڪيريبيئن پريميئر ليگ: جمائيڪا تلاواس 21 رنسن تان لوشيا اسٽارز کي شڪست ڏئي ڇڏي

گروس آئلينڊ(اسپورٽس نيوز) ڪيريبيئن ليگ جي 17 هين مئچ ۾ جمائيڪا تلاواس 21 رنسن تان لوشيا اسٽارز کي شڪست ڏئي ڇڏي. جمائيڪا تلاواس ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو هر لحاظ کان درست ثابت ٿيو. جمائيڪا تلاواسپهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 204 رنسون ٺاهيون. رومين پاويل مزید پڑھیں

ريکا جو آواز راڌا ڪرشنا جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو

ممبئي(م ڊ) بالي ووڊ ليجنڊ اداڪاره ريکا جو آواز راڌا ڪرشنا جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ريکا سان ٽي وي شو راڌا ڪرشنا ۾ سندس آواز استعمال ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، جنهن تي هن رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ليجنڊ اداڪاره ريکا مزید پڑھیں

وقت جي قدر ڪندڙ ماڻهو سدائين ڪامياب ٿيندا آهن: نيلم منير

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل نيلم منير چيو آهي ته جيڪي ماڻهو وقت جي قدر ڪندا آهن، اهي سدائين ڪامياب ٿيندا آهن ڇاڪاڻ جو جڏهن وقت بدلجندو آهي ته پوءِ سڀ معاملا پنهنجو پاڻ سڌ ٿي ويندا آهن. نيلم منير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏٺو وڃي ته هن وقت فلم انڊسٽري ۾ ڪو نئون مزید پڑھیں

بالي ووڊ ۾ پاڻ کي مڃرائڻ سولو ڪم ناهي: ڪرشما ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪاره ڪرشما ڪپور جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ ۾ پاڻ کي مڃرائڻ سولو ڪم ناهي. ڀارتي سڌ سماءِ جي ذريعن موجب 44 سالن جي اداڪاره پنهنجي فلمي سفر بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي بالي ووڊ ۾ پنهنجي سفر تي اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هن جيڪو سوچيو کيس حاصل ٿيو، مزید پڑھیں