
ممبئي (اسپورٽ نيوز) پاڪستاني ڄائي ڏکڻ آفريڪن ڪرڪيٽر عمران طاهر قوالي جي شهنشاهه استاد خان صاحب نصرت فتح علي خان مرحوم جو مداح نڪتو، انڊين ڪرڪيٽر هربجن سنگهه سان گڏ هڪ ٽي وي انٽريو ۾ عمران انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته خان صاحب جو مداح آهيان سندس گيت شوق سان ٻڌندو آهيان