پ پ کي ڌچڪو، اڳوڻو صوبائي وزير حاجي مظفر شجراع ۽ قادر بخش بلوچ پي ٽي آءِ ۾شامل

ملير/گلشن اقبال (ڊ ر+ ن هه) پيپلز پارٽي جو اڳوڻو صوبائي وزير مظفر شجراع ۽ ملير جي پي ايس 87 جي جنرل سيڪريٽري قادر بخش بلوچ ساٿين سميت تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. مظفر شجراع ۽ قادر بخش بلوچ جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت کانپوءِ ملير ۾ ٿيندڙ پي ايس 87 مزید پڑھیں

ٿر ۽ عمرڪوٽ جون 192 ديهون آفت سٽيل قرار، اوڳاڙيون معاف، في ڪٽنب 50 ڪلو ڪڻڪ ورهائڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ: منصور کوکر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو پهريون اجلاس سومر ڏينهن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ ڪجهه اهم فيصلا ڪيا ويا جن ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي ڪجهه حصن کي ڏڪار سٽيل علائقا قرار ڏنا ۽ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته مزید پڑھیں

سنڌ جي 8 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو، محبوب الزمان روينيو، عذرا پيچوهو صحت ۽ سردار شاهه تعليم جا وزير ٿي ويا

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ۾ شامل 8 وزيرن حلف کڻي ورتو آهي جڏهن ته 2 صلاحڪارن جو نوٽيفڪيشن سڀاڻي جاري ڪيو ويندو.رپورٽ موجب سنڌ ڪابينا جي نئين چونڊيل 8 وزيرن حلف کڻي ورتو آهي، حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني نون چونڊيل وزيرن کان حلف ورتو جن مزید پڑھیں

سنڌ ورڇ جوڳي پول ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڏئي ٿي، حصو به اوترو کپي: وڏو وزير

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيوآهي ته سنڌو ورڇ جوڳي پول ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڏيندوآهي اسانکي موٽ ۾ حصو به ان حساب سان ملڻ گهرجي.  سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ مزار قائد تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاھ چيو ته مزید پڑھیں

مراد علي شاهه وڏي وزير طورحلف کڻي ورتو، تقريب ۾ بلاول ۽ بختاور جي شرڪت

ڪراچي(چيف رپورٽر) سيد مراد علي شاهه سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت سان پنهنجي عهدو جو حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني مراد علي شاهه کان سندس عهدي جو حلف ورتو. سنڌ جي وڏي وزير/ حلف برداري کان اڳ قومي تراني جي ڌُنَ وڄائي وئي. مزید پڑھیں

مني لانڊرنگ ڪيس: بئنڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بينڪنگ ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽ ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ ٻه مک جوابدار انور مجيد ۽ عبدالغني مزید پڑھیں

سنڌ ۾ لاڳيتو ٽيون ڀيرو پ پ جي سرڪار قائم، مراد علي شاھ شهريار مهر کي هارائي وڏو وزير چونڊجي ويو

ڪراچي (رپورٽ: منصور کوکر) سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جو مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو وزير چونڊجي  ويو کيس 97 ووٽ مليا، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار شهريار خان 61 ووٽ حاصل ڪيا . سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس  ٿيو، جنهن ۾  وڏ وزارت مزید پڑھیں

آغا سراج دراني ٻيهر سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو، ريحانا لغاري ڊپٽي اسپيڪر منتخب

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي آغا سراج دراني 96 ووٽ کڻي ٻيهر اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ ريحانه لغاري 98 ووٽ کڻي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي وئي، سندن مقابلي ۾ اپوزيشن پاران نامزد ڪيل اسپيڪر جو اميدوار جاويد حنيف 59 ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوار مزید پڑھیں

سنڌ جي نئين وڏي وزير لاءِ اڄ چونڊ، مراد علي شاهه سان شهريارمهر مقابلو ڪندو

ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ 27 هين سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ اڄ 16 آگسٽ تي ٿيندي، سيد مراد علي شاهه ۽ شهريار مهر وچ ۾ مقابلو ٿيندو، تحريڪ لبيڪ پ پ يا اپوزيشن جي اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير جي چونڊ ڳجهي ڳڻپ سان ڪئي ويندي. سنڌ مزید پڑھیں

سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اڄ چونڊ، دراني، ريحانه، جاويد ۽ نظامي جا ڪاغذ بحال

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي لاءِ چونڊ اڄ ٿيندي اسپيڪر لاءِ پ پ جي آغا سراج دراني جو ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر لاءِ پ پ جي ريحانه لغاري جو پي ٽي آءِ جي راجا ظفر نظامي سان مقابلو ٿيندو، سمورن اميدوارن جا مزید پڑھیں