نئين تعليمي سال جي شروعات، 13 لک فلسطيني شاگرد اسڪول روانو

0Shares

غزه )ويب ڊيسڪ(بدترين معاشي حالتن کي مُنهن ڏيندڙ لکين فلسطيني شاگردن جي تعليمي سال 19-2018ع جي شروعات ٿي وئي آهي. فلسطين جي تعليم واري کاتي موجب ملڪ جي 3030 تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شاگرد ۽ شاگردياڻين تدريسي سرگرمين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. فلسطين جي اطلاعن واري مرڪز موجب فلسطين خاص طور مزید پڑھیں

0Shares

ڊونلڊ ٽرمپ اونرا جي سموري امداد بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ، آمريڪي اخبار

0Shares

واشنگٽن )ويب ڊيسڪ(  آمريڪي رسالي فارن پالسي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ دعوي ڪئي آهي ته صدر  ڊونلڊ ٽرمپ فلسطيني پنهاگيرن جي ڀلائي واري ادراي  اونرا جي سموري امداد بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ،شايع ٿيل رپورٽ ۾ آمريڪي حڪومت جي هڪ ذميوار ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اونرا جي سموري امداد مزید پڑھیں

0Shares

روس ۽ يورپ جي ٻه طرفا لڳاپن م حقيقت پسندي جو وقت آهي . فرانس جو صدر

0Shares

هيلسنڪي)ويب ڊيسڪ( فرانس جي صدر ايمانوئل ماڪرون چيو آهي ته يورپي يونين ۽ روس وچ۾ ٻه طرفا لڳاپن م حقيقت پسندي جو وقت آهي . هن يورپي يونين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪولڊ وار جي خاتمي کانپوءِ روس سان قائم ڪيل لڳاپن ۾ جدت ۽ ترڪي سان اسٽرٽجيڪ لڳاپن۾ گهرائي پيدا ڪرڻ جي ضرورت مزید پڑھیں

0Shares

شامي فوج ادلب ۾ باغين جي قبضي وارتن علائقن ۾ ويندي ، پرڏيهي وزير

0Shares

دمشق )ويب ڊيسڪ( شام جي پرڏيهي وزير وليد المعلم چيو آهي ته دمشق حڪومت جي فوج ادلب ۾ باغين جي قبضي وارتن علائقن ۾ ويندي ، وليد المعلم اها ڳاله ماسڪو ۾ روسي هم منصب  سرگکي لاروف سان هڪ ملاقات م چئي ، هن چيو ته شامي فوج جو اصل هدف النصره جا ويڙهاڪ هوندا مزید پڑھیں

0Shares

فلپا ئن جو سامونڊي جهاز تڪراري ٻيٽ جي خشڪي ۾ ڦاسي پيو

0Shares

منيلا)ويب ڊيسڪ( فلپائن جي سامونڊي فوج جو جهاز ڏکڻ چين ۾ واقع هڪ تڪراري ٻيٽ جي خشڪي م ڦاسي پيو آهي ، فوجي ترجمان مطابق ان حادثي ۾ جهاز ۾ سوار عملي جا سمورا ڪارڪن محفوظ آهن ،ترجمان جو چوڻ آهي ته جهاز تي سوار عملي کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ ڪاروائي جاري آهي جڏهن ته مزید پڑھیں

0Shares

حج مناسڪ جي شروعات، لکين پانڌيئڙا منيٰ پهچي ويا، خيمن جي بستي آباد

0Shares

رياض(م ڊ) سعودي عرب ۾ حج جي ادائيگي لاءِ پوري دنيا مان لکين پانڌيئڙن جي مڪي پاڪ کان منيٰ روانگي شروع ٿي جتي دنيا جي سڀ کان وڏي خيما بستي آباد ٿي وئي. هلندڙ سال 20 لک کان وڌيڪ پانڌيئڙا حج ادا ڪري رهيا آهن جن ۾ هڪ لک 84 هزار پاڪستاني پانڌيئڙا به شامل مزید پڑھیں

0Shares

“تهران دهشتگردي کي همٿائي پيو” آمريڪا ايران تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون

0Shares

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ،ايران تي هڪ ڀيرو ٻيهر اقتصادي پابنديون مڙهي ڇڏيون جنهن وسيلي تهران جي  آمريڪي ڪرنسي جي پهچ ۽ اهم صنعتن کي نشانو بڻايو ويو آهي جڏهن ته ايران پاران اهڙي پابندي جي مذمت ڪئي وئي آهي . آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن پابندين واري ايگزيڪيٽو آرڊر تي صحيحون ڪيون جنهن مزید پڑھیں

0Shares

وينزويلا جي صدر تي خطاب دوران ڊرون حملو، 7 نيشنل گارڊ زخمي

0Shares

ڪاراڪس(م ڊ) وينزويلا جي صدر نڪولس ميڊورو تي نيشنل گارڊ جي تقريب ۾ خطاب دوران ڊرون سان حملو ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر نڪولس ميڊورو نيشنل گارڊ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو ته ان دوران ڌماڪيدار مادي سان ڀريل ڊرون سان ڌماڪو ڪيو ويو جنهن ۾ صدر نڪولس ذري تي بچي ويو مزید پڑھیں

0Shares

چيني صدر فوج کي هلندڙ سال خانگي ڪاروبار بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

بيجنگ (م ڊ) چين جي صدر شي جن پنگ فوجي آفيسرن کي پنهنجو خانگي ڪاروبار هلندڙ سال جي آخر تائين بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيني ميڊيا موجب صدر شي جن پنگ جا حڪم فوج ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جي مهم جو حصو آهن ۽ فوج کي عالمي معيار جي ويڙهاڪ فورس بڻائڻ چاهين مزید پڑھیں

0Shares

ڪرپشن اسڪينڊل: ملائيشيا جي اڳوڻي وزير اعظم نجيب رزاق تي فرد جرم لاڳو

0Shares

ڪوالامپور(ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق تي ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ 3 الزامن تحت فرد جرم لاڳو ڪيو ويو جڏهن هن ڏوهه قبولڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن ڪميشن گذريل ڏينهن ڪوالامپور ۾ قائم اڳوڻي وزيراعظم نيجب رزاق جي ذاتي رهائشگاهه تي ڇاپو هڻي مالي بدعنوانين جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪيو مزید پڑھیں

0Shares