هٿياربندن فوجن پاران ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي اڏاوت لاءِ چندو ڏيڻ جو اعلان

راولپنڊي (م ڊ) ٽنهي هٿياربند فوجن ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير لاءِ ٻن ڏينهن جي پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان حوالي سان چيف جسٽس هڪ فنڊ به قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ چيف جسٽس عوام کي سهڪار مزید پڑھیں

جعلي اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت 20 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ سمٽ بئنڪ جي صدر حسين لوائي کي 12 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته آصف زرداري، فريال ٽالپر سميت 20 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته مزید پڑھیں

ن ليگ اڳواڻ ڪئپٽن صفدر راولپنڊي ۾ ريلي دوران نيب هٿان گرفتار

اسلام آباد/راولپنڊي (بيورو+م ڊ) قومي احتساب بيورو اڳوڻي وزيراعظم جي ناٺي ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب نيب جي ٽيم ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪيپٽن صفدر منجهند 2 وڳي جلوس جي شڪل ۾ ن ليگ جي مرڪزي آفيس لياقت باغ پهتو. ان موقعي تي مسلم مزید پڑھیں

نواز شريف واپس ضرور اچ پر نيلسن منڊيلا بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪجان: عمران خان

ايبٽ آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 2013ع واريون چونڊون فڪس هيون، ن ليگ ۽ پ پ جا ليڊر ملڪ ۾ پئسو ٺاهڻ ايندا آهن، نواز شريف! واپس ضرور اچو پر نيلسن منڊيلا بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪجو. ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مزید پڑھیں

ن ليگ احتساب عدالت جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو، نواز شريف جي واپسي تي شاندار استقبال جو فيصلو

لاهور (بيورو) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ رانا تنوير، جاويد لطيف، خواجه سعد رفيق، حمزا شهباز شريف، احسن اقبال، اياز صادق سميت ٻين اڳواڻن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڏيهه واپسي بابت انتظامن جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ احتساب عدالت مزید پڑھیں

حيدرآباد ۾ ناقص صفائي تي ميئر کي ڇنڊ، فلٽر پلانٽ تان فوري قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

حيدرآباد / ڪوٽڙي  (بيورو + ن ھ) واٽر ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم جو حيدرآباد ۾ واڌو واهه، پريٽ آباد ۾ فلٽر پلانٽ، غفور شاهه ڪالوني سميت ٻين علائقن جو دورو، صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ۽ فلٽر پلانٽ جي پاسي ۾ قبضا نه هٽائڻ تي لاڳاپيل انتظاميا کان سخت پڇاڻو، ڇنڊ پٽيندي مزید پڑھیں

حڪمران ڏکڻ پنجاب کي جاگير سمجهي اهميت نه ڏني، عوام کي لا وارث نه ڇڏينداسين: بلاول ڀٽو

مظفر ڳڙهه (م ڊ) پ پ چيئرمين ڀلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي 50 سالن ۾ جمهوري جدوجهد ڪئي، جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڀٽو خاندان لازوال قربانيون ڏنيون، ڀٽو صاحب کي ڦاهي ڏني وئي، آصف زرداري کي 11 سال جيل ۾ رکيو ويو، بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، 50 ورهين ۾ پ مزید پڑھیں

ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي جو خاتمو، هارين کي مفت زمينون ڏيڻ ۽ ايل بي او ڊي رٿا ختم ڪرڻ جو اعلان، جي ڊي اي چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو

حيدرآباد(منصور مري ) گرينڊ ڊيموريٽڪ الائنس چونڊ منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو، حڪومت ۾ اچي سڀ کان پهرين گڊ گورننس کي بهتر بڻائڻ، عوام کي معياري تعليم، صحت، پاڻي، بجلي، گئس سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ، ميرٽ تي روزگار ڏيڻ، شهرن ۽ ٻهراڙين کي ترقي ڏيارڻ، سنڌ جي قومي وحدت جي حفاظت ڪرڻ سميت مزید پڑھیں

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا بعد نواز شريف ۽ مريم نواز جا گرفتاري وارنٽ جاري، ڪئپٽن صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل

اسلام آباد (بيورو+ مانيٽرنگ ڊيسڪ) نواز شريف مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪئپٽن صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل نيب جا گرفتاري لاءِ ڇاپا  ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت پاران نواز شريف مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر کي سزا بعد سندن گرفتار وارنٽ جاري ڪيا ويا نيب کي ٽنهي مزید پڑھیں

پاڪستان ۾ 70 سالن کان ڳجها هٿ کيڏي رهيا آهن، نوازشريف ڪرپشن ناهي ڪئي: مريم نواز

لنڊن  (م ڊ) نوازشريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جي نياڻي مريم نواز  جمعي تي ڏيهه واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. لنڊن  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نوازشريف تي ڪرپشن ثابت ناهي ٿي ڪرپشن جو ڪو به ثبوت ن مليو پر پوءِ سزا ٻڌائي وئي، اسان تي مشرف دور ۾ به ڪيس مزید پڑھیں