“ اسحاق ڊار کي بنا دير وطن واپس آڻڻ لاءِ قدم کڻو” سپريم ڪورٽ جو گهرو کاتي کي حڪم

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي وطن واپسي لاءِ گهرو سيڪريٽري کي فوري طور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ پي ٽي وي ايم ڊي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران گهرو سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ويو ته اسحاق ڊار آيو آهي جنهن تي گهرو سيڪريٽري چيو ته اهو موجود ناهي. چيف جسٽس چيو ته گهرو سيڪريٽري ٻڌائي ته اسحاق ڊار کي ڪيئن واپس آندو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو عدالت جي گهرائڻ تي نه ٿو  اچي ته ڇا ڪرڻو پوندو، جنهن تي گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪيترن ئي طريقن سان پاسپورٽ رد ٿي سگهي ٿو جڏهن ته شوڪاز نوٽيس ڏئي پاسپورٽ رد ڪري سگهجي ٿو.  گهرو سيڪريٽري چيو ته پرويز مشرف جي ڪيس ۾ پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ رد ٿي چڪا آهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن پاسپورٽ رد ڪيو ويو ته اهو بهانو به هوندو ته هاڻي ڪيئن اچجي. جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسحاق ڊار جي واپسيءَ لاءِ انٽر پول سان رابطو ڪري سگهجي ٿو، ڪوطريقو هئڻ گهرجي جو ماڻهن کي واپس آندو وڃي. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي به نه اچن ته ڇا اسان بيوس ٿي وڃون، اسان کي پرڏيهه مان جوابدارن جي واپسيءَ لاءِ به قانون گهرجي. هن چيو ته  3 مهينا اڳ اسحاق ڊار کي نيب عدالت اشتهاري قرار ڏنو، حڪومت ڪجهه ڪيو، تنهن وقت جي وزيراعظم اشتهاري سان ملاقات ڪئي، ڇا اها ئي آهي قانون جي بالادستي.  سپريم ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي اسحاق ڊار جي واپسي لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ سمورين اٿارٽينز کي گهرو سيڪريٽري جي مدد جي هدايت ڪئي جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اٿارٽي مدد نه ڪئي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڇنڇر ڏينهن ٻيهر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گهرو سيڪريٽري عدالت کي قدمن بابت ايندڙ ٻڌڻي تي آگاهه ڪري.

اپنا تبصرہ بھیجیں