نوازشريف جي آمد کان هڪ ڏينهن اڳ لاهور ۾ ن ليگي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون، سوين گرفتار

0Shares

لاهور (بيورو) پوليس اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي آجيان جون تياريون ڪندڙ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. لاهور پوليس نواز شريف جي آجيان لاءِ تياريون ڪندڙ مسلم ليگ ن جي  ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ ن جي آفيسن تي ڇاپا هنيا ويا ۽ ڪيترن ئي مقامي اڳواڻن کي به گرفتار ڪيو ويو جنهن بعد ليگي ڪارڪنن طرفان احتجاج ڪيو پيو وڃي. گرفتار ٿيل ڪارڪنن ۾ فيصل ٽائون تحفظ امن ڪميٽي جو چيئرمين عاشر جٽ، ڪاهنا مان مسلم ليگ ن جو وائس چيئرمين محمد شفقت، يوسي 98 چيئرمين مزمل گجر، يوسي78 جو چيئرمين عامر شاهه، يوسي 48 جو چيئرمين چوڌري محمد علي گجر، يوسي 59 جو چيئرمين بائو محمد رفيق، يوسي98 جو چيئرمين مزمل گجر شامل آهي. فيروز والا يوسي 2 مسلم ليگ ن جي چيئرمين شيخ ڪاشف، يوسي 4 ساجد چوهاڻ ۽ جوهرٽائون مان مسلم ليگ ن جو چيئرمين ملڪ نثار احمد کوکر به گرفتار ٿيندڙن ۾ شامل آهي. پوليس يوسي 33 يڪي گيٽ وائس چيئرمين احمد رشيد بٽ جي آفيس ۽ فيروز والا شاهدره پوليس مسلم ليگ ن جي چيئرمينز ۽ وائس چيئرمين جي گهرن تي ڇاپا هنيا جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي. لاهور جي مختلف علائقن ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ گرفتارين خلاف احتجاج ڪيو. ڊي آءِ جي آپريشنز شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته ڪنهن به سياسي پارٽي کي قانون ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته گهر وزارت طرفان شرپسند ڪارڪنن جي نظر بندي لاءِ لسٽ تيار ڪئي وئي آهي جڏهن ته ضلعي انتظاميه کي 300 ماڻهن کي نظر بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں