اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته جن اميدوارن ڌمڪيون ملڻ جي دعويٰ ڪئي آهي اهي ڄاڻايل ماڻهن جا نالا ٻڌائن ۽ جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جا ماڻهو کنيا پيا وڃن ته اُهي اسان کي ڳجهو خط لکن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي خدشا موجود آهن جنهن جي لاءِ نيڪٽا اسان سان ڪجهه ڄاڻ شيئر ڪئي ۽ هاڻ ميٽنگ جو بندوبست به ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان ٻڌايو ته سندس پارٽي جي اڳواڻن کي اچ وڃ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهيون آهن، پنجاب ۾ بلاول ڀٽو جو قافلو روڪيو ويو ته نوٽيس وٺي وڏي وزير کي انڪوائري جي هدايت ڪئي. بابر يعقوب جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ 17 هزار پولنگ اسٽيشنون حساس آهن، جنهن ۾ سي سي ٽي وي ڪيميرا لڳل ۽ پاڪ فوج جا جوان مقرر آهن، اليڪشن کان اڳ اميدوارن، سياسي اڳواڻڻ جي سيڪيورٽي جو به خيال رکيو ويندو. هن چيو ته ڪجهه اميدوارن ڌمڪيون ملڻ جي دعويٰ ڪئي آهي اهڙا سمورا ما۾هو همت ڪري ڪال ڪرڻ وارن جا نالا ٻڌائن ۽ جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جا ماڻهو حراست ۾ ورتا پيا وڃن ته اُهي به اسان سان خط ذريعي رابطو ڪري سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته وقت وڌائڻ جو مطالبو بعد ۾ به سامهون اچي ها ان ڪري اسان پولنگ ۾ هڪ ڪلاڪ جي اڌ جو پهرين ئي اعلان ڪري ڇڏيو، فيس بڪ طرفان خط مليو آهي جنهن تي مشورو جاري آهي. اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو ته دهشتگرد اميدوارن سياسي اڳواڻن کي ٽارگيٽ ڪري سگهن ٿا جيڪي پشاور حادثي بعد درست ثابت ٿيا، پر امن امان کي بحال رکڻ جي لاءِ بندوبست ڪيا پيا وڃن. بابر يعقوب جو چيو ته منهنجو خيال آهي ته ٽرن آئوٽ پهريون ڀيرو بهتر ٿيندو ڇو ته ماڻهن جو جمهوريت تان اعتماد کڄي ويو آهي، اليڪشن جو ڪنٽرول آئيني طور تي اسان ئي وت آهي جيڪو ڪنهن ٻئي اداري وٽ ڪنهن صورت ۾ نٿو وڃي سگهي پر مختلف شخصيتن ۽ پارٽين طرفان هر دور ۾ اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ٿيندي آهي هي انهيءَ جو سلسلو آهي. هن چيو ته سمورو عملو سويلين آهي ۽ ڀرپور تربيت ڪئي وئي، چونڊ عمل اليڪشن ايڪٽ جي تحت هوندو، بيلت پيپرز جي ترسيل فوج جي نگراني ۾ جلد شروع ٿي ويندي جڏهن ته هن ڀيري آر اوز کي به پولنگ بوٿ ۾ وڃڻ جو اختيار هوندو. اليڪشن ۾ فوج جو اختيار رڳو سيڪيورٽي تائين محدود رهندو، تاثر غلط آهي ته سيڪيورٽي فورسز چونڊ نتيجا جمع ڪندي، فوج جي مقرري جو مطالبو به سياسي پارٽيون ئي ڪنديون آهن، پولنگ بوٿ تي امن امان جي ذميواري فورسز جي آهي، ماضي ۾ به سيڪيورٽي فورسز جو قيام امن جي لاءِ مقرر ڪيو ويندو رهيو جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي. بابر يعقوب جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي اهلڪارن جي لاءِ به ضابطا اخلاق جاري ڪيو ويو، جنهن جي تحت اليڪشن واري ڏينهن نتيجن جي ترسيل پاڪ فوج يا سيڪيورٽي اهلڪار نه ڪندا اها ذميواري لاڳاپيل آفيسرن کي ئي انجام ڏيڻي آهي البت سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪار ۽ عام شهري پريذائيڊنگ آفيسرن کي ڌانڌلي جي شڪايت باب آگاهه ڪري سگهن ٿا جڏهن ته ميڊيا کي موبائيل استعمال نه ڪرڻ جي شرط تي پولنگ بوٿ ۾ وڃڻ جي اجازت به هوندي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ 849 تڪن تي چونڊ رٿي پئي وڃي، ڄاڻايل تڪن مان 100 کان وڌيڪ ماڳ آهن جنهن جي بيلٽ پيپرن جي ڇپائي شروع ناهي ٿي جڏهن ته هڪ ڪروڙ عورتون اهڙيون آهن جيڪي ووٽر طور رجسٽرڊ ناهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟