ملڪ اسد ڪوهستان کي شراب جي واپاري حوالي ڪري پاڻ فرار ٿي ويو آهي: ملڪ چنگيز خان

نوري آباد (ن هه)  ڄامشورو اتحاد جي پي ايس ۸۱ تي نامزد اميدوار ملڪ خاندان جي نوجوان ۽ ڪوهستان جي ڀوتارڪي نظام  کي للڪاريند ڙ ملڪ چنگيزخان  نوري آباد ۽ سري شهر ۾ عوامي  ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته  اڄ  ڪوهستان جي عوام عزت ۽ محبت ڏني آهي ان مان ثابت ٿي ويو آهي ته ڪوهستان مان ڀوتارڪي نظام جو خاتمو اچي  چڪو آهي. هن چيو ته ويه سال اڳ جيلاني خاندان سان گڏ ڀوتارڪي نظام خلاف جهدوجهد شروع ڪئي. جهدوجهد ڪرڻ  مقصد هو ته ڪوهستان جي عوام کي پيڻ جي صاف پاڻي روڊ رستا تعليم. صحت سميت ٻيون سهولتون ميسر هجن ۽ ڪوهستان جي ماڻهن کي پنهنجو فيصلو ڪرڻ جو اختار هجي. ان دوران سختيون برداشت ڪيون پر پنهنجي جهدوجهد تان هٿ نه کنيو آهي. هن چيو ته  ڪوهستان جي عوام ملڪ اسد جي ٽولي کي ۳۵ سالن تائين آزمايو آهي. پر ۳۵ سالن جي اقتداري دور ۾ ملڪ اسد ڪوهستان جي عوام  کي ڪجه ڏيڻ بدران ڪوهستان کي شراب جي واپاري حوالي ڪري پاڻ ڪوهستان مان فرار ٿي ويو آهي. هن چيو ته سندس سامهون بٺيل اميدوار گذريل ۱۷ سالن کان اقتدار ۾ هو وٽس ست وزارتون هيون پر ڪوهستان جي عوام کي ڪجه ڏيڻ بدران صرف پنهنجو شراب جو ڪاروبار وڌايو ۽ ملڪ اسد کي نوازيو آهي هن چيو ته ڪوهستان جو عوام هڪ ڀيرو اسان  کي آزمائي ڏسي. هن وڌيڪ چيو ته مول ۾ ڄامشورو اتحاد جي تاريخي جلسي کانپوءِ  ملڪ اسد بوکلاهٽ جو شڪا ر ٿي ويو آهي. مختلف حربن سان ڳوٺاڻن کي تنگ ڪر ي رهيو آهي. هڪ ڳوٺاڻي کي تشدد ڪري قتل ڪرايو آهي. ملڪ چنگيزخان  چيو ته ڪوهستان   جآ  ديوان اسانجا ڀائر آهن   هنن سدائين اسان کي محبت ۽ عزت ڏني آهي

اپنا تبصرہ بھیجیں