نوري آباد (ن هه): گيان چند ايسراڻي جي ملڪ اسد سڪندر کانسواءِ ڪوهستان ۾ ڪابه حيثيت ناهي. آئون کيس چئلينج ٿو ڪريان ته ملڪ اسد ان مان هٿ ڪڍي ۽ هو ڪوهستان جي ڪنهن به علائقي مانمونسان يوسي چيئرميني جي سيٽ تي مقابلو ڪري وڏي پئماني تي نه دسيمس ته سڄي عمر سياست تان رٽائر ٿي ويندس. جيڪڏهن هو مون کي ملهه ماري وڃي ته آئون هن کي روز سلام ڪندس. اهڙو اظهار نوري آبادي جي بااثر شخصيت ۽ ڄامشوري اتحاد جي اڳواڻ وڏيري عبدالعزيز پالاري ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڃان تازي ڳالهه آهي جڏهن ملڪ صاحب کيس بنگلي تان تڙي ڪڍيو هو ۽ کيس وزارت نه ملي ۽ جڏهن هو زرداري وٽ ويو ته ان چيس ته ملڪ اسد چوندو پوءِ توکي وزارت ملندي ساڳيو جواب کيس اڳوڻي وزيراعليٰ مراد علي شاهه به ڏنو تڏهن ملڪ صاحب ۽ زرداري پاڻ ۾ ٺهيل هئا. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ صاحب سان اختلافن کانپوءِ کيس ڪوهستان جو ڪو ماڻهو شادي غمي ۾ هٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. هن وڌيڪ چيو ته ان کانپوءِ ملڪ صاحب ۽ آصف علي زرداري جو پاڻ ۾ جهيڙو شروع ٿيو، ٻئي هڪ ٻئي کان ناراض هئا. ان جهيڙي کي گيانومل عرف گولي وڌيڪ هوا ڏيئي پنهنجو اُلو سڌو ڪيو ۽ ملڪ صاحب جي پيرن تي ڪري معافيون ورتيون پوءِ ملڪ صاحب هن کي معاف ڪيو. هن چيو ته هن جي حيثيت ملڪ صاحب جي جتي جي برابر به ناهي. ڪوبه ماڻهو کيس ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ايتريقدر جو ڪافي جڳهين تي گڏجاڻين ۾ ماڻهن واضح ڪيو آهي ته اسان جو ووٽ ملڪ صاحب جي امانت آهي اهو جيڪڏهن ڪنهن گڏهه يا ٺوري کي بيهاريندو. ته اسان ان کي ڏينداسين. ڇاڪاڻ ته ماڻهو اڃان سرداري نظام ۾ جهڪڙيل آهن. هن چيو ته کيس گولي مان گيانچند ڪرڻ وارو ملڪ اسد آهي. 1997ع جي جنرل اليڪشن جي حوالي سان وڏيري ٻڌايو ته آئون ان ڳالهه جو شاهد آهيان ۽ مون وٽ ثبوت موجود آهن ته هن ڪيئن شراب جي ڪمائي مان لکين رپيا ان وقت جي اليڪشن ڪمشنر کي ڏيئي جعلي ووٽ وجهرائي سيٽ کٽي هئي نه ته هو هارايل هو. وڏيري وڌيڪ چيو ته عوام هاڻي سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ ڪوهستان جي غيور ۽ غيرتمند عوام کي شعور اچي ويو آهي. هندو يا مسلم برادري مان گهڻي قدر ماڻهو ان شرابي گولي کي ووٽ نه ڏيندا بلڪ ڪوهستان جي سچي هڏڏوکي ۽ هر دلعزيز شخصيت ملڪ چنگيز خان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندا. هن چيو ته پالاري برادري کلي عوام ڄامشوري اتحاد جي اميدوارن جي حمايت ڪري ٿي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟