زرداري سان دشمني: سنڌ حڪومت پاران مرزا تي حملي جو خدشو ظاهر، سيڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم

ڪراچي(چيف رپورٽر) نگران سنڌ سرڪار 2018 وارين عام چونڊن دوران ذوالفقار مرزا ۽ سندس ڪٽنب سميت جي ڊي اي اڳواڻن مٿان حملن جو خدشو ظاهر ڪندي کين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل خطري واري الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته پ پ پ پارليامينٽرين جي صدر آصف زرداري ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ذوالفقار مرزا وچ ۾ سياسي دشمني سبب پ پ پ قيادت بدين ضلعي ۾ امان امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي آهي. جنهن تحت بدين ضلعي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سندس ڪٽنب ۽ جي ڊي اي جي ٻين اميدوارن مٿان سندن چونڊ سرگرمين دوران حملا ٿي سگهن ٿا، جي ڊي اي اڳواڻن، بااثر ماڻهن توڙي ووٽرن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو به بڻائي سگهجي ٿو. ڪمشنر حيدرآباد کي ايڊريس ڪيل ٿريٽ الرٽ گهرو سيڪيرٽي کي به سي سي ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پ پ قيادت گل محمد جکراڻيک ي بدين ضلعي ۾ ڏوهاري پيشا ماڻهو آڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي جيڪي ضلعي اندر امن امان جو مسئلو پيدا ڪندا، گهرو کاتي موجب جي ڊي اي اڳواڻن مٿان حملن جو ٽاسڪ بدنام ڏوهاري امير بخش عمراڻي کي ڏنو ويو آهي. 2018ع جي چونڊ کٽڻ لاءِ سمورا غلط حربا استعمال ڪيا ويندا جنهن دوران ڊاڪتر ذوالفقار مرزا مٿان حملن جو به خدشو آهي، الرٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا وچ ۾ سياسي دشمني هلي رهي آهي، مرزا ۽ سندس خاندان جي جان بچائڻ لاءِ کين سڪيويرٽي مهيا ڪئي وڃي. جاري ڪيل ليٽر موجب بدين ۾ خفيه ادارن رپورٽ ڏني آهي ته بدين ۾ گل محمد جکراڻي ۽ امير بخش عمراڻي نالي همراه ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي قاتلانه حملي جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهن جنهن سان ضلع ۾ امن امان جون حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون گهرو کاتي جي ليٽر موجب ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس خاندان جي سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن ان کان علاوه  گهرو کاتي ايس ايس پي بدين کي هڪ ڌار هڪ ڌار ليٽر جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته پي ايس 73 ۽ اين اي 230 تي اميدوار ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي تحفظ لاءِ هڪ پوليس موبائل هڪ جمعدار ۽ 4 پوليس اهلڪار مهيا ڪيا وڃن جڏهن ته  اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سندس پٽ اڳوڻي ايم پي اي حسنين مرزا ۽ حسام مرزا جي سيڪورٽي لاءِ به ڌار ڌار پوليس موبائل 4 پوليس اهلڪارن کان سواءِ جي ڊي اي اميدوار رياض نظاماڻي ۽ مير عبدالله ٽالپر کي ٻه ٻه ذاتي سيڪورٽي گارڊ رکڻ  جي  اجازت ڏني وڃي ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي اڳوڻي ايم پي اي ۽ پي ايس 72 ٽنڊو باگو تي جي ڊي اي جي اميدوار حسنين مرزا چيو ته سيڪورٽي خدشي جي باوجود  اڃا تائين ڪنهن به قسم جي سيڪورٽي فراهم نه ڪئي وئي آهي هن چيو ته اسان کي پوليس جي سيڪورٽي تي اعتماد نه آهي تنهن ڪري اسان کي رينجرز جي سيڪورٽي فراهم ڪئي وڃي

اپنا تبصرہ بھیجیں