سانگهڙ / ٽنڊوآدم / ڄام نواز علي (نمائندن وٽان) چيئرمين واٽرڪميشن ريٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم اوچتو ٽنڊو آدم پهتو، ميونسپل عملي ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. چيرمين واٽر ڪميشن ٽنڊي آدم جي عوام کي مهيا ٿيندڙ واٽرسپلائي جي پاڻي جو تفصيلي جائزو ورتو، ان موقعي تي هن ٽنڊو آدم جي عوام کي پيئڻ لاءِ مهيا ٿيندڙ واٽرسپلاءِ جي پاڻي ۾ لڳل ڦٽڪي جي چيمبرن تي ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميونسپل عملي کي چيائين ته انساني حياتي قيمتي آهي عوام کي صاف ۽ معياري پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ان ۾ لاپرواهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، هن چيو ته پاڻي جو وهڪرو گهٽ آهي اوهان جا لڳايل ڦٽڪي جا چيمبر به تمام گهٽ آهن ۽ تسلي بخش به ناهن، هن عملي کي چيو ته چيمبرن ۾ پلاسٽڪ جا ٿيلها فوري طور تي ڪڍي ٻيا ٿيلها لڳايا وڃن جن مان ڦٽڪي جو اثر پاڻي تي پئجي سگهي، هن عملي کان پڇيو ته هن مهل تائين اوهان ايلم چيمبر ڇونه ٺهرايا آهن تنهن تي پبلڪ هيلٿ انجنيئر رشيد ڪٽپر واٽر ڪميشن جي چيئرمين کي ٻڌايو ته اسان چار پنج ڀيرا ميونسپل ڪميٽي کي خط لکي چڪا آهيون پر هن مهل تائين ڪوبه عمل درآمد نه ٿيو آهي جنهن تي واٽر ڪميشن جي چيئرمين ميونسپل ڪميٽي جي عملي کي ڇنڊ ڪڍندي حڪم ڪيو ته 15 ڏينهن اندر اندر گهربل سمورا چيمبر معياري ۽ تسلي بخش تيار ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ اوهان جا پئسا روڪيا ويندا ۽ اوهان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي هن ميونپسل چيئرمين ٽنڊو آدم جي پڇا ڪئي پر هو اتي موجود نه هو. ان موقعي تي چيئرمين واٽر ڪميشن ريٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم سان ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ لياقت علي ڀٽي، ايس ايس پي سانگهڙ پير محمد شاهه ۽ ٻيا گڏ هئا. ٻيراڻي ۾ پبلڪ هيلٿ پاران شھرين کي صاف مٺي پاڻي جي پئڻ لاءِ 17ڪروڙ جي جي لاڳت سان واٽر فلٽر پلانٽ سپلائي اسڪيمم جنهن کي ستن سالن ۾ مڪمل ڪرڻي هئي جنهن کي 11سال گذري وياآھن پر اڃا تائين ان کي چالو نه ڪيو ويو آھي جنهن جي معائني لاء اچانڪ واٽر ڪميشن سربراه ٻيراڻي پهچي واٽر فلٽر پلانٽ جو معائنو ڪيو پبلڪ هيلٿ پاران 17ڪروڙ جي اسڪيم ۾, ڪرپشن جيون شهرين شڪائتون توڙي پبلڪ هيلٿ کاتو ٻيراڻي شهر جي عوام کي صاف پاڻي ميهيا ڪري نه سگهيو جنهن تي شهرين واٽر ڪميشن جي سربراه جي اڳيان شڪايتن جي انبار لڳائي ڇڏيا هنن چيو ته 11سالن کان پبلڪ هيلٿ کاتي جي اسڪيم جنهن تي 17ڪروڙ ريپه خرچ ڪيا پر ان وڏي رقم کي ڪرپشن جي ور چڙهي وئي ليڪن ٻيراڻي شهر جي عوام کي اڄ تائين صاف پاڻي نه ملي سگهيو شهري گٽرن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن جنهن تي واٽر ڪميشن جي سربراه (ر) جيٽس امير هاني مسلم پبلڪ هيلٿ کاتي کي ڇنڊ پٽيدي چيو ته پوري سنڌ ۾ پبلڪ کاتي جي نااهلي سبب اسڪيمون ناڪاره پيل آهن پبلڪ کاتو ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورو آهي عوام گٽر جو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي هن چيو ته ٻيراڻي واٽرفلٽر پلانٽ اسڪيم فورن بحال ڪري ٻيراڻي جي عوام کي صاف پاڻي ڏنو وڃي ھن اڳوڻي پبلڪ هيلٿ ايڪس اي اين محمد علي ورياه،ايس ڊي او پير علي رضا قريشي،اڳوڻي سب انجنيئر رفيق عباسي پبلڪ هيلٿ جي ٺيڪيدار مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ٻيراڻي ۾ لڳل فلٽر پلانٽ ناڪاره هئڻ سبب پاڪ سوئز جي افيسر ۽ سپروائيز ارشاد خلاف ڪاروئي جو حڪم ڏيندي چيو روزانو 15 هزار گيلن پاڻي ڏيڻو آهي ليڪن ٻيراڻي شهر جو فلٽر پلانٽ بند پيا آهي ملازمن جو پگهارون ٻن مهينن کان بند آهن توهان خلاف محڪماتي ڪاروائي ڪئي ويندي جڏنهن ته دوري ته ٻيراڻي ٽائون ڪامٽي جو ٽائون آفيسر نه هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته تلائن ۾ پاڻي بدران ڪنو گاه بيٺل آهي ٽائون آفيسر ڪرپشن ڪرڻ ۾ پوروآھي هن ڊي سي سانگهڙ کي حڪم ڪيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ٽائون افيسر ٻيراڻي خلاف رپوٽ پيش ڪريو واٽر ڪميشن جي سربراه جو اچانڪ دورو ڪرڻ جو ٻڌي افسير ن ۾ ٿرٿلو پئنجي ويو. واٽر ڪميشن جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ امير مسلم هاني اڄ ضلعي سانگهڙ جو دورو ڪيو ۽ ضلعي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، تلائن جي صورتحال، واٽر سپلائي جي لائينن جي صفائي، پاڻي جي نالن جي کاٽي سميت ٻين معاملن جوو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي فوري طور صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائن ۽ واٽر سپلائي جي نالن توڙي لائينن جي صفائي ۽ مرمت جا پڻ جوڳا اپاءُ اختيار ڪن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟