پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ زمبابوين اسڪواڊ جو اعلان

0Shares

بلاويو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان خلاف 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ زمبابوين ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽن نون رانديگرن ليام روچ، تناشيڪامن هوڪموي ۽ ريان مري کي شامل ڪيو ويو آهي. اهم رانديگرن جي خدمتن کان محروم ميزبان ٽيم وڌيڪ مسئلن جو شڪار ٿي وئي آهي، ڇو ته اوپننگ بيٽسمين سولومون مير ۽ فاسٽ بالر ڪائل جاروس زخمي هجڻ سبب ون ڊي سيريز کان ٻاهر ٿي ويا آهن. پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات جمعي کان ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ اعلانيل زمبابوين اسڪواڊ ۾ هملٽن مساڪاڊرا ڪپتان، برائن چاري، تنڊائي چتارا، چامو چبابا، ايلٽن چگمبرا، ٽنڊائي چيسورو، تناشي ڪامنهو، ويلنگٽن مساڪاڊزا، پيٽر مور، ريان مري، تريسائي موساڪانڊا، بليسنگ موزرباني، رچرڊ اين گراوا، ليام روچ، ڊونلڊ ٽريپانو ۽ ميلڪم والر شامل آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں