لنڊن(م ڊ) گرفتاري جي امڪان باوجود اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي سربراهه نواز شريف جمعي تي وطن واپسي جي موقعي تي لاهور ايئرپورٽ تي عوام کي خطاب جو اعلان ڪري ڇڏيو. لنڊن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته هن ڏکئي وقت تي پنهنجي قوم کي اڪيلو نه ڇڏيندس. نواز شريف چيو ته هان جيل وڃڻو پوي يا ڦاهي تي چڙهڻو پوي پر هاڻ هن جا پير نه بيهندا هن چيو ته جيل جي ڪوٺڙي پنهنجي سامهون ڏسي به پاڪستان واپس اچي رهيو آهيان، ووٽ کي عزت جو واعدو پورو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان. هن چيو ته ڇا پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو به شخص 11 سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌڻ کان پوءِ پاڪستان واپس آيو آهي؟ مون کي جنهن قوم ٽي ڀيرا وزير اعظم بڻايو ان جو قرض لاهڻ لاءِ اچي رهيو آهيان. پنهنجي خلاف احتساب عدالت جي فيصلي تي ڳالهائيندي هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي ڇنڊڻ باوجود فيصلي ۾ لکڻو پيو ته منهنجي خلاف ڪرپشن جو ڪو به ثبوت ناهي مليو، فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته نواز شريف کي ڪرپشن جي الزام مان بري ڪيو ٿو وڃي. نواز شريف چيو منهنجي دل ۾ پاڪ فوج جي غازين ۽ شهيدن جو وڏو احترام آهي، شهيدن اسان جي لاءِ پنهنجو ايندڙ ڏينهن قربان ڪيو، اسان کي انهن سان بي پناهه محبت آهي، اسان هن قوم جي فرزندن جي لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان هن وقت تائين دنيا ۾ باوقار مقام حاصل ناهي ڪري سگهيو جيستائين آئين جي حڪمراني کي تسليم نٿو ڪيو وڃي. آئون پاڪستان جي هر اداري جو احترام ڪندو آهيان، ڄاڻان ٿو ته ادارا مضبوط هوندا ته پاڪستان مضبوط هوندو، سڄي دنيا جي ڌمڪين باوجود ايٽمي ڌماڪ ڪري پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻاو، پنهنجي دفاع کي مضبوط ڪيو. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته چوڻ لاءِ پاڪستان ۾ جمهوريت آهي پر جمهوري جا سمورا تقاضا چيڀاٽيا ويا آهن، سچ ڳالهائڻ ڏکيو بڻايو ويو آهي، ڪردارڪشي جي شرم جوعي راند جاري آهي. هن چيو ته جيل ڏانهن ويندي سوچي رهيا آهيان ته سڄو ملڪ هڪ جيل بڻجي چڪو آهي، وقت اچي ويو آهي پاڪستان کي جهنگ ۽ جيل جي بدران ايڪيهين صدي جو ملڪ بڻايو وڃي. هن چيو ته انگريزن جي غلامي کان ٻاهر نڪري پنهنجي غلام ۾ اچي ويا آهيون. ائين ملڪ هلندو آهي؟ جيڪڏهن اسان کي ترقي ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان جي عوام کي خوشحال بڻائڻو اهي ته اهو سڀ ڪجهه بدلڻو پوندو ۽ جلدي بدلڻو پوندو ڇو ته اسان وٽ هاڻ وڌيڪ وقت ناهي. اڳوڻي وزير اعظ۾ چيو ته سڀاڻي پاڪستان اچي رهيو آهيان، مريم مون سان گڏ هوندي، لاهور ايئرپورٽ تي عوام کي خطاب ڪندس. هن عوام کي اپيل ڪئي ته رڳو 13 جولاءِ نه پر 25 جولاءِ تي به ساڳئي جذبي سان نڪرندس. هن چيو ته اسان جي خلاف ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌن ٿي چڪو هو احتساب عدالت جو فيصلو 28 جولاءِ واري فيصلي جي قسط آهي ٻئي طرف نيب نواز شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي لاهور ايئرپورٽ تي 100 ايليٽ ڪمانڊوز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي لاهور ايئرپورٽ تي نيب جا 22 آفيسر موجود هوندا ٻئي طرف نيب لاهور کي نواز شريف ۽ مريم نواز کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر فراهم ڪيو ويو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 11، مريم نواز کي 8 ۽ سندس مڙس محمد صفدر هڪ سال سخت پورهئي جي سزا ٻڌائي آهي. جنهن بعد گذريل ڏينهن ڪيپٽن(ر) صفدر کي گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو . ميان نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز 13 جولائي تي وطن واپسي جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته نيب کين لاهور کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن نيب لاهور جي ڊائريڪٽر شهزاد سليم نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال کي خط لکيو هو جنهن ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي اڊيالا جيل منتقلي لاءِ هيلي ڪاپٽر فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي نيب لاهور، جي خط جو نيب چيئرمين هاڪاري جواب ڏنو آهي ۽ نواز شريف، مريم نواز جي لاهور ايئر پورٽ کان اسلام آباد منتقلي لاءِ هيلي ڪاپٽر فراهم ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گهرو وزارت نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو پڻ اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيو آهي جڏهن ته اي سي ايل قانون تحت سزا آيل فرد جي وطن واپسي تي کين تُرت گرفتار ڪيو ويندو آهي.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟