وائيٽ ڪالر ڪرائيم جو خاتمو ضروري آهي، ٻاهر منتقل ڪيل اربين رپيا واپس آڻڻ لاءِ رستو ڪڍڻو پوندو: سپريم ڪورٽ

0Shares

اسلام آباد(بيورو) غيرملڪي اڪائونٽن ۽ اثاثن واري ڪيس جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيوته اسان جو اصل مقصد رقم جي پرڏيهي ملڪ منتقلي کي روڪڻ آهي،  ضروري ناهي ٻاهر ويندڙ 200 ڊالر به ظاهر ڪيو، ماڻهو شاپنگ ڪرڻ لاءِ  به ٻاهر ويندا آهن، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ پرڏيهي اثاثن ۽ بينڪ اڪائونٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي ته ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ پڻ عدالت جي روبرو پيش ٿيو جڏهن ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کان رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي مهلت ڏيڻ جي استدعا ڪئي.  ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته وائٽ ڪالر ڪرايم ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٿيڻ گهرجي، اربين رپيا سوئٽزرلينڊ ۽ دبئي ۾ پيا آهن، ايف آءِ اي ٻڌائي ته يو اي اي ۾ ڪيترن پاڪستانين جا اثاثا آهن؟ جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته يو اي اي ۾ 4 هزار 221 ماڻهن جااثاثا ۽ اڪائونٽ آهن ۽ اهي ماڻهو  1992 جي قانون تحت رقم ٻاهرين ملڪ کڻي ويا. ان چيف جسٽس چيو ته اهي 4 هزار 221 ڄڻا پيسو لٽي ٻاهر هليا ويا. غيرملڪي اڪائونٽ ظاهر  نه ڪندڙ جو پتو لڳايو وڃي.  جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيو ته ڪجهه  ماڻهو غيرقانوني طريقي سان رقم ٻاهر کڻي ويا آهن اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ڪرپشن ۽ ٽيڪس چوري جي رقم ٻاهر کڻي ويا. پيسا يورپ آمريڪا  ۽ ڪينڊا  منتقل ڪيا ويا، رقم واپس آڻڻ لاءِ ڪو رستو جوڙڻو پوندو پر اسان وٽ گڏيل قانوني سهڪار جو اختيار ناهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته قانوني رڪاوٽون دور ڪرڻ لاءِ رستو ڪڍڻو پوندو،  جنهن تي سپريم ڪورٽ وڪيل احمر صوفي کي طلب ڪيو، احمر بلال صوفي جي  موجود نه هئڻ تي چيف جسٽس چيو ته هو ناهي ته پوءِ ٻڌڻي ملتوي ڪيون ٿا. جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي آگاهه ڪيو ته رقم هنڊي جي ذريعي ٻاهر ويندي آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هتي ميڪانزم ٺاهڻو آهي ته رقم کي ٻاهر منتقل ٿيڻ کان روڪيو وڃي، ضروري ناهي ته ٻاهر ويندڙ 200 ڊالر به ظاهر ڪيو، ماڻهو شاپنگ لاءِ به ٻاهر ويندا آهن اسان جو اصل مقصد رقم جي پرڏيهي ملڪ منتقلي کي روڪڻو آهي، عدالت پرڏيهي ملڪن جي اثاثن ۽ بينڪ اڪائونٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين آگسٽ تائين ملتوي ڪر ي ڇڏي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں