نوازشريف جو مستقبل جيل جي ڪال ڪوٺڙي آهي، هاڻي زرداري جو وارو آهي: ارباب رحيم

0Shares

مٺي(ساحل ڀالاڻي) ڏيپلو ۾ جي ڊي اي ارباب گروپ جي اميدوارن پاران هزارين حامين جو جلسو ڪوٺائي وڏي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو. الله والا چوڪ تي مختلف اقليتي برادرين پاران جي ڊي اي اميدوارن ارباب غلام رحيم ۽ ارباب ذڪاءُ الله جي مان ۾ ڏنل آجياڻي وارو پروگرام هزارين ماڻھن جي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو. جنهن دوران ڀيل برادري جي پي ايس 57 تي بيٺل آزاد اميدوار گجو ڀيل جي ڊي اي اميدوار ارباب غلام رحيم جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ۽ برادري سميت جي ڊي اي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي. ان موقعي تي چونڊ عوامي جلسي کي اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي پاران پي ايس 57 تي اميدوار ارباب غلام رحيم خطاب ڪندي چيو ته ٿر جي عوام 10 سال عتابن ۽ انتقامي ڪاروواين جو مقابلو ڪيو آھي. ارباب لطف الله کي مونکي سياست مان آئوٽ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويوآھي ڇاڪاڻ ته آئون پ پ پ جي ڪرپٽ ٽولي جي اک جو ڪنڊو بنيل آھيان. کين سڄي سنڌ ۾ مون سوڙھو ڪيو آھي. آئون ڪامياب ٿي سنڌ جو وزير اعلي ٿي سگهان ٿو. ۽ ارباب لطف الله رڳو ايم پي اي ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري ٿر جو عوام ارباب لطف الله کي سمجهائي ته هو ٿر جي عوام جي روشن مستقبل جي ڪک ۾ خنجر هڻي رهيو آھي. اسين ارباب لطف الله جي غلط فيصلي جو فيصلو عوامي عدالت ۾ ڇڏيون ٿا. هن چيو ته نواز شريف جو مستقبل اٽڪ جيل جي ڪال ڪوٺڙي آھي ۽ زرداري ٽولي جو هاڻي وارو آھي. ۽ ڪوبه به چور احتساب کان هاڻي بچي نه سگهندو. هاڻي ڪوبه لٽيرو حڪومت ٺاهي نه سگهندو. هن چيو ته مٺي ۾ ملاڻي پينٽرول پمپ ۽ محلات ڪرپشن مان ٺاهيا آھن جن جو حساب ڪتاب شروع ٿيو ته کيس ڀڄڻ جو به موقعو نه ملندو. هن چيو ته ارباب لطف الله لاءُ پنهنجي خاندان جي اميدوارن کي ڪک ۾ خنجر نٿو هڻي سگهان. ارباب لطف الله کي ٿر جو عوام سمجهائي .اسين اهو فيصلو عوامي عدالت ۾ ڇڏيون ٿا. ۽ عوام کي سچ چوڻ گهرجي. چيو ته ٿر ۾ هندو مسلم صدين کان ڀائرن جيان پنجائتي سسٽم تحت آباد رهيا آھن انهن جي وچم محبت جي رشتي جا بنياد ارباب خاندان وڌا ۽ انکي قائم رکيو آھي. هن چيو ته اسانجي خاندان ٿر جي چپي چپي جي حفاظت ڪئي آھي ۽ ڪندا رهنداسين.. هن چيو ته اسان ٿر ۾ روڊن جا ڄار وڇائي ڳوٺن کي شھرن سان ڳنڊيو ۽ پ پ پ وارن اسانجي ترقياتي منصوبن جي سنڀال به ڪري ناهن سگهيا. هن چيو ته اسانجي دور ۾ ٺهيل روڊن جي پ پ پ وارا مرمت به ناهن ڪرائي سگهيا. ڏيپلو ۾ واٽر سپلاءُ اسڪيم 8 سالن کان بند پيل آھي پر ڪجھ لکن جي رقم سان مرمت به ناهن ڪرائي سگهيا. جنهن ڪري ڏيپلو جو عوام اربين روپين جي واٽر سپلاءُ اسڪيم مان پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھي هن چيو ته هاڻوڪين چونڊن ۾ ڪرپٽ ٽولي کي بدترين شڪست ڏيئي سڄي سنڌ مان سندن صفايو ڪنداسين. ٿر جو عوام 25 جولاءُ تي مخالفن کان 10 سالن جي زيادتين ۽ ڪرپشن جو حساب وٺنداسين . جلسي کي پي ٽي آءُ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر رميش وانڪواڻي خطاب ڪندي چيو ته ارباب غلام رحيم سنڌ جو ايندڙ وزير اعلي آھي. جنهن پ پ پ جي ڪرپٽ ٽولي جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته ارباب خاندان ٿر جي اقليتي برادرين جو صدين کان تحفظ ڪيو آھي. هن چيو ته ٿر جون سموريون اقليتي برادريون ارباب غلام رحيم جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ لاءُ اڄوڪي جلسي ۾ گڏ ٿيون آھن اڄوڪو هزارين ماڻھن جو جلسو پ پ پ جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو آھي. هن چيو ته ارباب خاندان جو سربراه ارباب غلام رحيم آھي ان کي سياست مان آئوٽ ڪرڻ جي خوش فهمي ۾ مبتلا مخالف احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. هن چيو ته هاڻوڪين چونڊن ۾ ٿر سميت سڄي سنڌ مان مخالفن جو مڪمل صفايو ڪري سک جو ساه کڻنداسين. هن چيو ته 25 جولاءُ ڪرپٽ ٽولي جي حاڪميت جي خاتمي جو آخري ڏينهن ثابت ٿيندو. جلسي کي اڳوڻي ايم اين اي ۽ اين اي 222 جي اميدوار ارباب ذڪاءُ الله خطاب ڪندي چيو ته ٿر سان ويساه گهاتين جو راڄ ختم ٿيڻ وارو آھي. هاڻوڪيون چونڊون ٿر تان ظلم جي راڄ جي خاتمي جو آخري سج ثابت ٿينديون. هن چيو ته ٿري عوام اسان سان گڏ آھي ۽ رهندو. ماضي جي چونڊن ۾ عوام اسانکي ڪامياب ڪيو هو پر انتظامي داندلين ذريعي عوامي مينديٽ تي راتاهو هنيو ويو. هاڻي کين ائين ڪرڻ نه ڏينداسين. جلسي کي ارباب گروپ جي نوجوان اڳواڻ بئريسٽر ارباب فضل الله خطاب ڪندي چيو ته ٿر جي نوجوانن کي چونڊن ۾ ووٽ ذريعي 10 سالن جي ڪرپٽ دور جو بدلو وٺڻون آھي. جيستائين لٽيرن کي شڪست ڏيئي سندن رستا روڪ نه ڪبداسين تيستائين ٿر جي تقدير بدلائي نه سگهنداسين. هن چيو ته ٿر جي چپي چپي جا محافظ رهيا آھيون. عوامي خدمت ذريعي عوام جي دلين تي راڄ ڪنداسين. 25 جولاءُ مخالفن جي شڪست ۽ ٿر جي تاريخ جو روشن ڏينهن ثابت ٿيندو. جلسي کي ارباب عمران. ارباب تاج محمد. ارباب فيصل رزاق. حاجي الهورايو بجير. ڪشور جڳاڻي. گجو ڀيل. وڪرام ڪرماڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں