ڪيس کي عدالت ۾ منهن ڏيندس، چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي: آصف زرداري

0Shares

ڪراچي/اسلام آباد(چيف رپورٽر+بيورو) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زردري جي جاءِ تي سندس وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا.  جعلي بينڪ اڪائونٽن ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس ۾  سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپور کي اڄ طلب ڪيو آهي.  ان ئي ڪيس ۾ ايف آءِ اي طرفان به ٻنهي شخصيتن کي طلب ڪيو ويو هو، پر وڪيلن سان صلاح مشوري بعد آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور ايف آءِ اي جي اڳيان پيش نه ٿيا ۽ وڪلين ذريعي جواب داخل ڪرائي ڇڏيو. ذريعن موجب آصف علي زرداري بلاول هائوس لاهور ۾ مني لانڊرنگ ڪيس بابت پنهنجن وڪلين سان صلاح مشورو ڪيو جنهن ۾ اعتزاز احسن، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ لطيف کوسا شامل هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ذاتي طور تي اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو لاءِ راضي ٿي ويو هو پر وڪيلن کيس پيش ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. ذريعن ٻڌايو ته وڪيلن اڳوڻي صدر کي اعليٰ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ هاڻ سندس قانوني ٽيم سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نيئربخاري جو ان حوالي سان چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ ڏانهن نوٽيس اُماڻيو آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور کي پيش ڪيو وڃي، جڏهن سپريم ڪورٽ آصف زرداري کي ذاتي  حيثيت ۾ طلب ڪندي ته پيش ٿينداسين. ياد رهي ته اڳوڻي صدر ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپور جو نالو سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ(اي سي ايل ) ۾ وجهي ڇڏيو آهي جنهن بعد ٻنهي جي پرڏيهي ملڪ وڃڻ تي بندي آهي. ايف آءِ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور کي گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپور کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي  اسٽيٽ بينڪ سرڪل بيان ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو هو، جڏهن ته سينيئر وڪيلن پاران اڳوڻي صدر کي پيش نه ٿيڻ جو مشورو ڏيڻ بعد سندس قانوني ٽيم ايف آءِ اي اڳيان پيش ٿي. ذريعن موجب سينيئر وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جا ٻه جونئير وڪيل ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪ ڪرايم سرڪل  اڳيان  پيش ٿيا ۽ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور جي طرفان لکت ۾ بيان جمع ڪرايو. ايف آءِ اي ذريعن موجب آصف علي زداري ۽ فريال ٽالپور چونڊن بعد پيش ٿيڻ جي مهلت گهري آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں