اداڪارا ثمن انصاري شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني ڊرامن جي اداڪارا ثمن انصاري شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي. تفصيل موجب نجي ٽي وي جي مشهور ڊرامي خاني ۾ مرڪزي ڪردار مير هادي جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا ثمن انصاري شادي ڪري ڇڏي آهي جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي اداڪارا ثمن انصاري پنهنجي وليمي جون تصويرون شيئر ڪيون جڏهن ته هن پنهنجي فيملي سان گڏ به تصويرون شيئر ڪيون. ياد رهي ته ثمن انصاري پاڪستاني ڊرامن جي اداڪارا آهي جنهن جي عمر 44 سال آهي ۽ هوءَ پهرئين فيبروري تي ڪراچي ۾ پيدا ٿي.

اپنا تبصرہ بھیجیں