فٽبال جو جنون انگلش ڪرڪيٽرن تي به سوار، سڀاڻي واري مئچ ملتوي

0Shares

هيڊنگلي(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ جو ڀوت ڪرڪيٽ ليگ تي به ڇانيل، سڀاڻي انگلينڊ ۽ ڪروشيا وچ ۾ رٿيل سيمي فائينل جيڪ ري ٽي 20 بلاسٽ گيم جو شيڊول تبديل ڪيو ويو. سڀاڻي يارڪشائر ۽ ڊربي شائر وچ ۾ هيڊنگلي ۾ مئچ رٿيل هئي پر فٽبال جنون جي ڪري مئچ جو شيڊول تبديل ڪيو ويو. هاڻي ساڳي مئچ 30 جولاءِ يعني سومر تي کيڏي ويندي. يارڪشائر هن وقت نارٿ گروپ ۾ ٽيبل تي پنجين نمبر تي آهي ٻن راندين مان هڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته ڊربي شائر ٻئي مئچون هارائڻ کانپوءِ آخري نمبر تي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں