مني لانڊرنگ ڪيس: سپريم ڪورٽ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت 13 ڄڻن کي 12 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) جعلي بينڪ اڪائونٽس وسيلي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي 12 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ ۾ طلب ڪيو ويو، عدالت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ انهن نالن جا تفصيل شامل آهن جن جا جعلي اڪائونٽ کوليا ويا، جن جي نالي تي جعلي اڪائونٽ کوليا ويا انهن ۾ طارق سلطان، ا  عقيل، محمد اشرف، اقبال آرائين، محمد عمير، عدنان جاويد ۽ قاسم علي جا نالا به شامل آهن. لکت ۾ حڪم ۾ اڪائونٽس ۾ رقم جمع ڪرائيندڙ 15 ڪمپنين/ڪاروباري گروپس جا نالا به شامل آهن. انهن ۾ سجاول ايگرو فارم، ٽنڊوالهيار شوگر ملز، ايگرو فارم ٺٽو، عمير ايسوسئيٽس، رائل انٽرنيشنل، اقبال ميٽلز، لاجسٽڪ ٽريڊنگ، لڪي انٽرنيشنل، اي ون انٽرنيشنل، سردار محمد اشرف، حاجي مريد اڪبر، اومني گروپ ۽ ٻيا شامل آهن. لکت ۾ حڪم ۾ اڪائونٽس مان فائدو کڻندڙ 13 گروپس جا نالا به شامل آهن جن ۾ نصير الله لوٺا، انصاري شوگر ملز، اوپني پوليمار پيڪيجز، پاڪستان ايٿنل، چمبڙ شوگر ملز، ايگرو فارمز ٺٽو شامل آهن.  آصف زرداري، فريال ٽالپر، پرٿينم، اي ون انٽرنيشنل، لڪي انٽرنيشنل، لاجسٽڪ ٽريڊنگ، رائل انٽرنيشنل ۽ عمير ايسوسئيشن به فائدو کڻندڙن ۾ شامل آهن. سپريم ڪورٽ پنهنجي لکت حڪم ۾ فوجداري ڪيس داخل ٿيڻ وارن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ تي وجهڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ انور مجيد، عبدالغني مجيد، اسلم مسعود، عارف خان، نورين سلطان، ڪرن امان، نصير عبدالله لوٺا، محمد اقبال خان نوري، محمد اشرف اقبال آرائين، محمد عمير، عدنان جاويد، قاسم علي ۽ اعظم وزير خان جو نالو به اي سي ايل تي وجهڻ جو حڪم ڏنو آهي. يونائيٽيڊ بينڪ، سمٽ بينڪ ۽ سنڌ بينڌ جي سي اي اوز ۽ صدرن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ 6 ڪيسن جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف نگران گهرو وزارت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت 13 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 13 ڄڻن پرڏيهه نٿا وڃي سگهن.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں