سکر /شهداد ڪوٽ/ اسلام آباد(بيورو+ مانيٽنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته سنڌ جا 35 ارب رپيا ٻاهر منتقل ڪيا ويا، آصف علي زرداري لڪي ويٺو آهي ن ليگ ۽ پ پ ڪرپشن لاءِ اقتدار ۾ اينديون آهن مال ميڙڻ لاءِ ميثاق جمهوريت ڪيو هن اهڙي اظهار سکر ۽ شهدادڪوٽ ۾ جلسن کي خطاب ڪندي ڪيو، عمران خان چيو ته نواز شريف 600 ڪروڙ روپي جي محل ۾ رهندو آهي ايندڙ اليڪشن ۾ زرداري کي شڪست ڏينداسين، سنڌ واسين کي گندو پاڻي پئياريو پيو وڃي، آصف علي زرداري ۽ نواز شريف وارا وٺندا آهن، سنڌ جا 35 ارب روپيا پوري ڪري ٻاهر موڪليا ويا، هاڻي زرداري لڪي ويو آهي هن چيو ته شهباز اينڊ سنز ڪمپني ملتان ۾ ميٽروبس رٿا ۽ ڪرپشن ڪئي، 10 سال اڳ ملڪ تي 6 هزار ارب قرض هو جيڪو وڌي 60 ارب ٿي ويو آهي ڊالر 125 رپين جو ٿي ويو آهي، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري هڪ ٻئي کي چور چوندا هئا ۽ وري پاڻ ۾ ملي ويا سنڌ ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي هارين جو پاڻي بند ڪيو ويو آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ سنڌ جي عوام تي تمام گهڻو ظلم ڪيو آهي ٻئي طرف ) تحريڪ انصاف عمران خان چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو آهي، ڪرپشن جي خاتمي ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو عزم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس کي غير سياسي بڻائي، ادارن کي مضبوط ڪيو ويندو، عوام تي سيڙپڪاري، نوڪريون، تعليم، گهر ۽ صحت جي شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو. اسلام آباد ۾چونڊ منشور پيش ڪندي عمران خان پاڪستان جي مسئلن جو ڪو آسان حل ناهي، اسان جو ويزن آهي ته ته اسان ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائينداسين، ايندڙ حڪومت لاءِ معيشت وڏو چئلينج هوندو، اسان گورننس سسٽم ۾ تبديلي سان جدت آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته ڪو نه سمجهي ته اسان منشور کي سولائي سان لاڳو ڪنداسين، اسان کي پنهنجي ئي منشور تي عمل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ روينيو گڏ ڪرڻ جو نظام ئي ناهي، اهو به هڪ چئلينج آهي ته پسئو ڪيئن گڏ ڪرڻو آهي تنهن ڪري ايف بي آر ۾ سڌارا تمام گهڻو ضروري آهن.عمران خان چيو ته جيڪڏهن پئسو گڏ ڪرڻو آهي ته ايف بي آر کي ٺيڪ ڪرڻو آهي. هن چيو ته هن وقت ماڻهو سمجهن ٿا ته سندن ٽيڪس حڪمرانن جي لائف اسٽائل تي ضايع ٿي رهي آهي، اسان حڪمرانن جي عياشي ختم ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته عوام جي ٽيڪس جو پئسو عوام تي ئي خرچ ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته ماڻهن کي جڏهن پڪ ٿي ويندي ته پئسا مٿن ئي خرچ ٿيندا ته قوم ٽيڪس ڏيندي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن آهي ۽ ادارا تباهه ٿي ويا آهن، 10 ارب ڊالر هر سال پاڪستان کان ٻاهر ويندا آهن، ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. سندس چوڻ هو ته بيروزگاري جي خاتمي لاءِ هڪ اسڪيم آندي ويندي، جنهن تحت هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون وينديون، پنجن سالن ۾ 50 لک گهر ٺاهيا ويندا جنهن سان ماڻهن کي روزگار ملندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟