ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي ريلي ۾ شامل، 16 ليگي ڪارڪنن تي ڪيس داخل

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) پوليس ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا مليل ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي ريلي ۾ شامل مسلم ليگ ن جي 15 اڳواڻن خلاف 3 ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري جي موقعي تي مسلم ليگ ن اڳواڻن رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو نيب چيئرمين نوٽيس ورتو هو.  محمد صفدر جي ريلي ۾ شامل مسلم ليگ ن جي 15اڳواڻن خلاف وارث ۽ سٽي ٿاڻي ۾ 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ چوڌري تنوير، ضياءَ الله شاهه ۽ راجا حنيف سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ مسلم ليگ ن جي 2 صوبائي اسيمبلي ۽ هڪ قومي اسيمبليءَ جو اميدوار به نامزد آهي جنهن ۾ دانيال چوڌري، ارسلان شيخ ۽ ملڪ شڪيل اعواڻ شامل آهن. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته نيب عدالت مان سزا مليل محمد صفدر ريلي جي قيادت ڪئي ۽ روڊ بلاڪ ڪيو ۽ نامزد جوابدارن ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي. راولپنڊي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں