حڪومت کي ڊيم جي اڏاوت لاءِ ماڻهو هڪ رپيو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد ( بيورو) سپريم ڪورٽ ناڻي واري وزارت طرفان ڊيم جي اڏاوت لاءِ اڪائونٽ کولڻ جو نوٽيس ورتو آهي، عدالت اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي، اطلاعات واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين سميت لاڳاپيل اختيارين کي اڄ طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي دوران ناڻي واري وزارت جي ڊيم جي اڏاوت لاءِ اڪائونٽ کولڻ جو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته اخبارن ۾ خبرون ۽ اشتهار ڏسي وٺو تاثر ڏنو پيو وڃي ته فنڊ حڪومت ٺاهيو آهي،ناڻي واري وزارت چوي ٿي ته اڪائونٽ هنن کوليو آهي،  ناڻي واري وزير چوي ٿي ته اڪائونٽ اسان کوليو آهي، عورت هئڻ ناتي احترام سبب کيس نه گهرائي رهيا آهيون، اسٽيٽ بئنڪ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏني آهي،هڪ ڪلاڪ اندر کلندڙ اڪائونٽ ٽن ڏينهن ۾ کوليو ويو، پئسا ڏيندڙ ماڻهن کي هيڏانهن هوڏانهن گهمايو پيو وڃي،  اطلاعات واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهيا آهن، 1986ع کان هن وقت تائين ڊيمن جي اڏاوت تي ڪجهه ڪم نه ٿيو آهي. هن چيو ته ماڻهو حڪومت کي هڪ رپيو به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن،حڪومتي اڪائونٽ جي تاثر سبب ماڻهو رقم جمع نه ڪرائي رهيا آهن، ڪيترائي ماڻهو رجسٽرار کي چيڪ ڏئي هليا ويا، عدالت اهو اڪائونٽ کولرايو آهي ۽ رجسٽرار معاملي کي ڏسي رهيو آهي، هڪ ٽڪي جي به ڪميشن کائڻ نه ڏني ويندي.چيف جسٽس اٽارني جنرل کي معاملي تي وزيراعظم سان ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں