العزيزيه ملز ريفرنس: نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث جج محمد بشير تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ٽن ڏينهن لاءِ منظور ڪندي ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت ۾ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث احتساب عدالت جي جج تي اعتراض واريندي چيو ته توهان منهنجي اصيل خلاف هڪ ريفرنس ۾ فيصلو ٻڌائي چڪا آهيون، تنهن ڪري توهان هاڻي العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس نه ٿا ٻڌي سگهو. احتساب عدالت جي جج خواجه حارث کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ئي ٻڌايو هاڻي ڇا ڪريون، جنهن تي خواجه حارث چيو ته توهان معاملي تي سپريم ڪورٽ کي خط لکو ۽ ان حوالي سان آگاهه ڪيو جڏهن ته هاءِ ڪورٽ کي به آگاهه ڪيو ته توهان ٻيا 2 ريفرنس نه ٿا ٻڌي سگهو. خواجه حارث چيو ته چاهيون ٿا ته سمورن ريفرنسن جو فيصلو هڪ ئي وقت ڏنو وڃي. جج محمد بشير چيو ته سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ منهنجو ڪم آهي ۽ مان لکي موڪليندس. ڪيس جي ٻڌڻي دوران بيگم ڪلثوم نواز جي ميڊيڪل رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي ۽ نواز شريف کي حاضري کان پنجن ڏينهن جي ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي. خواجه حارث چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز جمعي تي واپس اچي رهيا آهن، تنهن ڪري ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ جي هدايت بعد ڪارروائي اڳتي وڌائي وڃي. احتساب عدالت خواجه حارث جي درخواست منظور ڪندي ٽن ڏينهن جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي.5

اپنا تبصرہ بھیجیں