هٿياربندن فوجن پاران ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي اڏاوت لاءِ چندو ڏيڻ جو اعلان

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) ٽنهي هٿياربند فوجن ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير لاءِ ٻن ڏينهن جي پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان حوالي سان چيف جسٽس هڪ فنڊ به قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ چيف جسٽس عوام کي سهڪار جي اپيل ڪئي آهي ته هن به ڊيمن جي تعمير لاءِ 10 لک رپيا چندو ڏنو آهي. هاڻ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٻڌايو آهي ته ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن لاءِ هٿياربند فوجن جا آفيسر ٻن ڏينهن جي پگهار ڏيندا. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج، بحريا ۽ فضائيا جا آفيسر ٻن ڏينهن جي پگهار ڏيندا، جڏهن ته سپاهي هڪ ڏينهن جي پگهار چندي طور ڏيندا، هٿياربند فوجن اداري جي حيثيت سان اهو قدم کنيو آهي. ميجر جنرل آصف غفور ٽوئيٽ جي آخر ۾ هيش ٽيگ سان گڏ “ڊيم پاڪستان لاءِ” به لکيو.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں