مون کي خدا ۽ ان جي انصاف تي پورو يقين آهي: علي ظفر

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي ناليواري راڳي علي ظفر جو چوڻ آهي ته کيس خدا تي ۽ ان جي انصاف تي پورو يقين آهي.پاڪستان شوبز انڊسٽري جوورسٽال اداڪار علي ظفر انهن ڏينهن ۾ پنهنجي پهرئين پاڪستاني فلم طيفا ان ٽربل جي مشهوري مهم ۾ مصروف آهي ۽ زور شور سان فلم جي مشهوري ڪري رهيو آهي، فلم ۾ علي ظفر سان گڏ اداڪارا مايا علي مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي مايا جي به اها ڊيبيو فلم آهي.هاڻوڪي ڏنل انٽرويو ۾ علي ظفر فلم جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته مان ۽ فلم جو هدايتڪار احسن رحيم ڪافي عرصي کان فلم ٺاهڻ جو سوچي رهيا هئاسين.جڏهن مان بالي ووڊ ۾ ڪم ڪري رهيو هوس ان وقت مان سوچيندو هوس ته جڏهن ته اسان جي فلم انڊسٽري عالمي معيار جي ٿي ويندي ته اسان اهڙي فلم ٺاهينداسين جنهن کي نٽرنيشنل ليول تي رليز ڪيو وڃي. هڪ سال اڳ مون وٽ طيفا ان ٽربل جو اسڪرپٽ آيو اهو بلڪل ڪنهن مصالحيدار کاڌي جيان هو.مون فوري طور تي ان جي باري ۾ احسن رحيم سان ڳالهه ڪئي مان ان فلم لاءِ تمام گهڻو پرجوش هوس ۽ اسان ان ڪهاڻي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. علي ظفر ڳائڻي ميشا شفيع طرفان لڳايل جنسي هراساني جي الزام بابت چيو ته مان صرف هڪ ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو منهنجو خدا ۽ ان جي انصاف تي پورو يقين آهي.مون کي لڳي ٿو ته انصاف هڪ ڏينهن غالب ايندو آهي، ان کان علاوه جنهن جنون، ارادي ۽ حوصلي سان اها فلم ٺاهي وئي آهي اها پنهنجو پاڻ ۾ ايتري مضبوط آهي جو فلم کي انهن سمورين شين سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي.

اپنا تبصرہ بھیجیں