ممبئي(شوبز نيوز) گذريل مهيني 30 جون تي باليووڊ اداڪارا تبو هڪ تقريب دوران اڃان تائين ڪنواري رهڻ تي ڪنهن به افسوس جي بنا چيو هو ته کيس ان ڳالهه جي ڪا به پريشاني ناهي ته اڃان تائين سندس شادي ناهي ٿي سگهي. 46 ورهين جي باليووڊ اداڪارا تبو کان اهو سوال ان وقت ڪيو ويو جڏهن باليووڊ ۾ هن کان ننڍي عمر واري ادڪارائن يعني سونم ڪپور، نيها ڌوپيا ۽ انوشڪا شرما شادي ڪري چڪيون آهن.جڏهن ته دپيڪا پڊڪون، پرينڪا چوپڙا ۽ عاليا ڀٽ جهڙي اداڪارائن جي شادي جو خبرون پڻ گردش ڪري رهيون آهن. جيتوڻيڪ تبو اڃان تائين شادي نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ناهي ڪيو پر هو ماضي ۾ هن وقت تائين شادي نه ٿيڻ جي ذميدار باليووڊ ايڪشن هيرو اجي ديوگن کي قرار ڏئي چڪي آهي. ماضي ۾ تبو چئي چڪي آهي ته اجي ديوگن هن جو ٻالڪپڻ کان وٺي بهترين دوست آهي، جڏهن ته انهن ٻنهي جي وچ ۾ محبت پڻ هئي ۽ اداڪارا جي شادي نه ڪرڻ جو هڪ سبب اجي ئي آهي. شادي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بعد هاڻ هن پاڻ کان وڏي عمر جي شخص سان محبت ڪرڻ جو حوالي سان ٻڌايو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب هڪ فلمي تقريب ۾ خطاب ڪندي تبو پنهنجي حقيقي ۽ فلمي زندگي بابت گهڻو ڪجهه ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته اهڙا ڪهڙا ڪردار ۽ ڪهڙيون فلمون آهن، جنهن کيس بلڪل تبديل ڪري ڇڏيو. تبو 2006 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم”نيم سلڪ“ کي پنهنجي شخصيت تبديل ڪندڙ فلم قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ان فلم ۾ عرفان خان سان گڏ ڪم نه ڪري ها ۽ آشما گنگولي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو نه ملي ها ۽ حقيقي زندگي ۾ ايترو تبديل نه ٿي سگهي ها.ان سان گڏ ئي تبو 2007 ۾ ريليز ٿيندڙ رومانوي فلم ”چيني ڪم“ ۾ پنهنجي ڪردار ۽ پاڻ کان وڏي عمر وري شخص سان محبت جي حوالي سان پڻ کلي نموني ڳالهايو. اداڪارا اعتراف ڪيو ته فلم” چيني ڪم“ ۾ 34 ورهين جو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ 64 ورهين جي شخص سان محبت ڪرڻ جو ڪردار سندس حيقيقي زندگي جي تمام ويجهو هو.پر ان سان گڏ ئي هن اهو پڻ چيو ته حيقيقي زندگي اڄ تائين ۾ ساڻس اهڙو واقعو ناهي ٿيو. اداڪارا وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو فلم ۾ پاڻ کان وڏي عمر واري شخص سان محبت ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ جو ڪريڊٽ اميتاڀ بچن ڏانهن وڃي ٿو، جيڪڏهن ساڻس گڏ مک ڪردار ۾ نه هجي ها هو ڪڏهن به اهو ڪردار ادا نه ڪري سگهي ها. ان سان گڏ اداڪارا لڪل لفظن ۾ چيو ته سندس خيال ۾ محبت جي مامري ۾ عمر جي ڪا به حد مقرر ناهي هوندي. ياد رهي ته سال 2007 ريليز ٿيندڙ فلم چيني ڪم ۾ تبو پاڻ کان وڏي عمر واري اداڪار اميتاڀ بچن سان محبت ڪندڙ عورت جو ڪردار ادا ڪيو هو. چيني ڪم کي تبو جي بهترين فلمن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟