يامي گوتم پاران چاڪليٽ کائڻ جو خوبصورت انداز سوشل ميڊيا تي وائرل

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا يامي گوتم ورلڊ چاڪليٽ دي تي پنهنجي تصوير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي شيئر ڪئي آهي جيڪا وائرل ٿي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب تصوير ۾ هوءَ خوبصورت انداز ۾ چاڪليٽ کائيندي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جڏهن ته تصوير جي هيٺان لکيل آهي ته منهنجي پليٽ کي ڏسو، يامي گوتم فلم بتي گل ميٽر چالو ۾ شاهد ڪپور ۽ شرڌا ڪپور سان گڏ ڏسڻ ۾ ايندي.فلم ۾ شاهد ڪپور سان گڏ عدالت ۾ ڪيس وڙهندي نظر ايندي، اداڪار فلم جي شوٽنگ کان اڳ ممبئي عدالت ۾ ڪيترين ئي ٻڌڻين ۾ شرڪت ڪئي ته جيئن هوءَ پنهنجي ڪردار ۾ حقيقت جو رنگ ڀري سگهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں