ڀارت آخري ٽي -20 ۾ انگلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

0Shares

برسٽول (اسپورٽس نيوز ) ڀارت آخري ٽي -20 مئچ ۾ انگلينکي 7 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي سندس هوم گرائونڊ تي ٽن مئچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي  برسٽول ۾ کيڏيل مئچ ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪولهي ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، انگلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 198 رنسنن جو پهاڙ ٺاهي به سيريز بچائڻ ۾ ناڪام رهي حسين راءِ 69. جوس بٽلر 34، ايليڪس هيلز30 ۽ بيرسٽو 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، هاردڪ پانڊيا 4 ۽ سدارت ڪول 2 رانديگرن ي پولين موڪليو، ديپڪ  ۽ اميش ياديو 1-1 شڪار ڪيو جواب ۾ ڀارت روهت شرما جي شاندار ناقابل شڪست سينچري جي بدولت گهربل هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 8 بال پهرين حاصل ڪري وتو روهت شرما56 بالن ۾ 100 ۽ هاردڪ پانڊيا 14 بالن ۾ 33 رنسون ٺاهي آئوٽ رهيا ڪپتان ويرات ڪولهي 43 ۽ راهول 19 رنسون ٺاهي پولين موٽي ويا ملي جيڪ  بال ۽ جارڊن 1-1 شڪار ڪيو روهت شرما مئچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں