ڪاميابي اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي: سرفراز احمد

0Shares

هراري (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتانسرفراز احمد چيو آهي ته ٽه ملڪي سيريز ۾ ڪاميابي اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي، فخر زمان سڄي سيريز ۾ دليراڻي انداز ۾ بيٽنگ ڪئي، اڳتي به ڪاميابين جو سلسلو جاري رکنداسين. ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ آسٽريليا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏيڻ کانپوءِ سرفراز احمد جو چوڻ هو ته آسٽريلوي ٽيم سٺي شروعات ڪئي پر آخري اوورن ۾ بالرن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي کين وڏو اسڪور نه ڪرڻ ڏنو، جڏهن ته فخر زمان بهترين بيٽنگ ڪندي ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ميچ ۾ فيلڊنگ جو شعبو ناڪام رهيو، ڪجهه ڪيچ ڊراپ ڪياسين، فيلڊنگ ۾ سڌاري جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪاميابين جو سلسلو جاري رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.27

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں