پاڪستان آسٽريليا کي شڪست ڏئي ٽه ملڪي سيريز کٽي ورتي

هراري(اسپورٽس نيوز) ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سريز ۾ پاڪستا آسٽريليا کي 6 وڪيٽن  تان شڪست ڏئي ڇڏي. آسٽريليا طرفان مليل 184 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ پاڪستان اننگز جي شروعات  فخر زمان ۽ ڊبيو ڪندڙ صاحبزاد فرحان ڪئي پاڪستان جي پهرين وڪيٽ صاحبزاد فرحان جي صورت ۾ ڪري جيڪو بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي ميڪسويل جو شڪار بڻيو جنهن بعد ساڳي ئي اور ۾ حسين طلعت پڻ بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي ميڪسويل جي ٻي وڪيٽ بڻيو جنهن بعد سرفراز احمد ۽ فخر زمان پاڪستان جي بيٽنگ لائن ئي سهارو ڏنو. 48 رنسن جي اسڪور ڪپتان سرفراز احمد 1ڇڪي ۽ چئن چوڪن جي مدد  28 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو جنهن بعد شعيب ملڪ ۽ فخر زمان جي وچ ۾ شاندار  سئو رنسن کان وڌيڪ جي ڀائيواري قائم ٿي جنهن پاڪستان جي ڪاميابي جا بنياد وڌا فخر زمان ميدان جي چئني پاسي شاندار اسٽروڪ کيڏيا ۽ 46 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 12 چوڪن جي مدد سان 91 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 19 ڏهائي 2 ارون ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ حاصل ڪري ٽه ملڪي ڪرڪيٽ سريز پنهنجي نالي ڪري ورتي شعيب ملڪ 43 ۽ آصف علي 17 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. آسٽريليا طرفان گلين ميڪسويل 2 ۽ رچرڊسن 1 وڪيٽ ورتي..هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل فائنل ۾ آسٽريلوي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اورن ۾ قومي ٽيم کي ڪاميابي لاءِ 184 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ڪپتان ايرون فنچ ۽ اوپنر ڊي آر سي شارٽ پهرين وڪيٽ لاءِ 95 رنسن جي ڀائيواري جوڙي. جنهن ۾ پاڪستاني فليڊرن جو پڻ وڏو هٿ رهيو شروعاتي اورن ۾ شعيب ملڪ هٿان ڪپتان فنچ جو ڪئچ ڊراپ ٿيو جڏهن اهڙي طرح سلپ ۾ موجود آصف علي پڻ ڊي آرسي شارٽ جو ڪئچ ڊراپ ڪيو. جنهن ڀرپور فائدو وٺندي ٻنهي اوپنر ميدان جي چئني پاسي دلڪش اسٽروڪ کيڏيا ۽ پنهنجي ٽيم لاءِ سٺو ٽوٽل اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.ايرون فنچ 3 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 47 رنسون اسڪور ڪري شاداب خان جو شڪار بڻيو، ڊي آر سي شارٽ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 53 بالن تي 76 رنسون اسڪور ڪيون جن ۾ 4 ڇڪا  ۽ 7 چوڪا شامل هئا کيس شاهين آفريدي پولين جي راهه ڏيکاري ٻين رانديگرن ۾ ٽروس هيڊ 19، اسٽونس 12، ميڪسويل 5، اشٽن اگر 7، اليڪس گيري 2، انڊرو ٽائي 0  جيڪ ناٽ آئوٽ 1 ۽ رچرڊسن 6 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان محمد عامر بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي چئن اورن ۾ 33 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن شاداب خان ٻن ڪينگرون بيٽسمينن کي پولين جي راهه ڏيکاري. حسن علي، شاهين شاهه ۽ فهيم اشرف جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي. فائنل ۽ سريز ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي فخر زمان کي مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سريز قرار ڏنو ويو .

اپنا تبصرہ بھیجیں