ن ليگ اڳواڻ ڪئپٽن صفدر راولپنڊي ۾ ريلي دوران نيب هٿان گرفتار

0Shares

اسلام آباد/راولپنڊي (بيورو+م ڊ) قومي احتساب بيورو اڳوڻي وزيراعظم جي ناٺي ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب نيب جي ٽيم ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪيپٽن صفدر منجهند 2 وڳي جلوس جي شڪل ۾ ن ليگ جي مرڪزي آفيس لياقت باغ پهتو. ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جو وڏو تعداد ساڻس گڏ هو، ڪيپٽن صفدر 3 ڪلاڪن تائي راولپنڊي جي رستن تي جلوس ڪڍندو رهيو ۽ تقريرون ڪندو رهيو.ان دوران پوليس کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ن ليگ جي ڪارڪنن مزاحمت ڪري پوليس کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو. شام پنج وڳي نيب جي ٽيم حتمي ڪارروائي ڪندي ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر هڪ آڊيو پيغام ۾ چيو ته مان مسلم ليگ ن جو ننڍڙو ڪارڪن آهي، هو پارٽي لاءِ ووٽ گهرندو. هن چيو ته منهنجي گرفتاري هاڻي غيرت جو معاملو ٿي ويو آهي. ڪيپٽن صفدر چيو ته جتان پارٽي فيصلو اتان گرفتاري پيش ڪرڻ وڃي رهيو آهيان. هن چيو ته سموري هزاره ڊويزن ۾ مسلم ليگ ن ڪلين سوئيپ ڪندي. سندس چوڻ هو ته سردار محمد يوسف جي قيادت ۾ مسلم ليگ ن کي ووٽ ڏنو وڃي. گرفتاري جي آڊيو پيغام کانپوءِ  ڪيپٽن رٽارڊ صفدر راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ نڪتل ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر اوچتو گاڏي مان لٿو ۽ لياقت آباد ۾ قائم ن ليگ جي مرڪزي آفيس ۾ داخل ٿيو جنهن بعد هن ريلي جي اڳواڻي شروع ڪئي. ڪيپٽن صدر چيو ته مان گرفتاري ٿيڻ لاءِ آيو آهيان،اڄ فيصلو ڪرڻو آهي ته ملڪ کي ڪيئن هلائڻو آهي. ٻئي طرف نيب چيو آهي ته ڪئپٽن صفدر سزايافته مجرم ۽ ڪرپٽ شخص آهي، ان جا اثاثا جي آمدني سان مطابقت نٿا رکن نيب ٽيم مانسهره ايبٽ آباد ۽ هريپور ۾ به ڇاپا هنيا هئا نيب جي ڇاپن بعد ڪئپٽن صفدر گرفتاري ڏيڻ تي مجبور ٿيو آهي ڪئپٽن صفدر کي سهولتون فراهم ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي واضح رهي ته احتساب عدالت ڪئپٽن صفدر کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي ڪئپٽن صفدر کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو به امڪان آهي ۽ بعد ۾ جيل موڪليو ويندو ڪئپٽن صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ به شامل آهي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں