نواز شريف واپس ضرور اچ پر نيلسن منڊيلا بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪجان: عمران خان

0Shares

ايبٽ آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 2013ع واريون چونڊون فڪس هيون، ن ليگ ۽ پ پ جا ليڊر ملڪ ۾ پئسو ٺاهڻ ايندا آهن، نواز شريف! واپس ضرور اچو پر نيلسن منڊيلا بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪجو. ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته گذريل چونڊن ۾ ٻن پارٽين ۾ ٺاهه ٿيو هو، ٻنهي وارو ورتو ۽ فرينڊلي اپوزيشن ڪئي، انهن ڳٺ جوڙ سان ملڪ کي ڦريو ۽ پنهنجا امپائر آڻڻ پئي چاهيا، جڏهن ڪير انهن جي چوري پڪڙي ته جمهوريت خطري ۾ اچي ويندي آهي. هن چيو ته 60 ورهين جي تاريخ ۾ ملڪ تي 6 هزار ارب رپيا قرض هو، وڏا وڏا ڊيم ٺهيا، بجلي سستي هئي، 10 سال اڳ پاڪستان جو ايشيا ۾ مثال ڏنو ويندو هو پر گذريل 10 ورهين ۾ قرض 6 هزار مان وڌي 27 هزار ارب تائين پهچي ويو. سندس چوڻ هو ته قرض جو بار ان ڪري وڌيو، ڇو ته ڪرپٽ ماڻهن کي ادارن ۾ ويهاريو ويو، نيب، ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر به انهن کي پڪڙي نه سگهندي هئي، قرض موٽائڻ لاءِ ٽيڪس لڳائي قيمتون وڌايون ويون، ان طريقي سان ملڪ جا اربين رپيا چوري ڪيا ويندا آهن، مهانگائي ٽيڪس لڳڻ سان ايندي آهي. عمران خان چيو ته ڪيپٽن صفدر گرفتاري ڏيڻ لاءِ ائين وڃي رهيو آهي ڄڻ ڪشمير فتح ڪري آيو آهي، کيس شرم اچڻ گهرجي، قومون تڏهن مرنديون آهن، جڏهن اخلاق مري ويندو آهي، پاڪستان سڀ کان پوئتي رهجي ويو، بنگلاديش به اڳتي نڪري ويو آهي، زرداري ۽ نواز شريف جي صورت ۾ ٻه ڦورو اچي ملڪ ۾ ويٺا آهن. عمران چيو ته خورشيد شاهه ڊبل شاهه بڻجي ويو آهي 25 جولاءِ تي پاڪستان جي قسمت  جو فيصلو ٿيندو شهباز شريف جي ترقي صرف اشتهارن ۾ ٿيندي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں