لاهور (بيورو) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ رانا تنوير، جاويد لطيف، خواجه سعد رفيق، حمزا شهباز شريف، احسن اقبال، اياز صادق سميت ٻين اڳواڻن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڏيهه واپسي بابت انتظامن جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ احتساب عدالت جي فيصلي کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف نواز شريف ۽ مريم نواز جي لاهور اچڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن جي سمورن اڳواڻن حمايت ڪئي. مسلم ليگ ن تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي چونڊ حڪمت عملي به تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ ن چونڊ تڪن ۾ متحرڪ ۽ فعال ڪارڪنن کي امڪاني گرفتارين کان بچڻ جي هدايت ڪئي آهي. مسلم ليگ ن کي خدشو آهي ته کين چونڊن مان آئوٽ ڪرڻ لاءِ چونڊ تڪن ۾ متحرڪ ۽ فعال ڪارڪنن جي وڏي پئماني تي گرفتارين جو امڪان آهي. مسلم ليگ ن کي خدشو آهي ته نواز شريف، سندس نياڻي ۽ ناٺي خلاف فيصلي تي احتجاج جي آڙ ۾ مسلم ليگ ن جي پرامن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ ان لاءِ مسلم ليگ ن حڪمت عملي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي طرف شهباز شريف طرفان ايندڙ چونڊن جي منشور جي اعلان جي موقعي تي به پارٽي ڪارڪنن طرفان سينئر اڳواڻن سان ڪارڪنن جي گرفتارين تي به بحث ڪيو ويو ۽ڪجهه سينئر ڪارڪنن طرفان پارٽي اڳواڻن کي اطلاع ڪيو ويو ته وڏي پئماني تي پارٽي ڪارڪنن کي مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ لاءِ لسٽون تيار ڪيون ويون آهن پر اڳواڻن جو چوڻ هو ته ان حوالي سان في الحال ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو. ٻئي طرف ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف خلاف نيب عدالت جو فيصلو انصاف جو قتل آهي ن ليگ ان کي رد ڪري ٿي نواز شريف ۽ مريم نواز ڏيهه واپسي اچي رهيا آهن 25 جولاءِ تي قوم شينهن تي ٺپو هڻندي ڪابه ڪرپشن ثابت ناهي ٿي تير جو ٽرائل ڪيو پيو وڃي جمهوريت جي طاقت وارو پاڪستان نواز شريف بڻائيندو اسان ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو لڳايو آهي نواز شريف جي واپسي تي تاريخي استقبال ڪيو ويندو قانون هٿ ۾ نه کنيو ويندو.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟